نوابشاھ(ڊ ر) صحت کاتي جي صوبائي اختيارين پاران جديد دور ۾ بہ صوبي اندر ڊينگي وائرس سبب رت جي اڇن جُزن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي نہ ھئڻ جو اعتراف ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ ڇھن مھينن دوران 130 مثبت ڪيس اچڻ، گذريل مھيني ۾ سنڌ ۾ ڊينگي سبب 7 مريض فوت ٿيڻ ۽ 3 ھزار 445 ڪيس رپورٽ ٿيڻ جي دعويٰ، نوابشاھ جي صرف موھڻي بازار واري علائقي ۾ گذريل پنجن ڏينھن دوران ڊينگي جا 6 ڪيس رپورٽ ٿيا. مليريا پروگرام جي صوبائي مئنيجر ڊاڪٽر سيد مشتاق شاھ لڪياري ڊي ايڇ او ۽ ٻين ڊاڪٽرن جي ميڊيا بريفنگ خبرموجب سنڌ جي مليريا پروگرام جي مئنيجر ڊاڪٽر سيد مشتاق شاھ لڪياري، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالي، ايڊيشنل ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اسد اللھ ڏاھري ۽ سنڌ ۾ نفسياتي مرضن پوليو ڪيسن تي تحقيق ۽ ڪتاب لکندڙ غلام سرور خاصخيلي نوابشاھ پريس ڪلب ۾ ميڊيا بريفنگ ڏني. انھي موقعي تي ڊاڪٽر سيد مشتاق شاھ لڪياري چيو تہ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊينگي ۽ مليريا جا ڪيسز ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا آھن ھن چيو تہ ھن وقت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڊينگي توڙي مليريا جي حوالي سان اطمينان بخش صورتحال آھي. ھن چيو ته سموري صوبي ۾ ھلندڙ مھيني جي پنجن ڏينھن دوران ڊينگي جا 101 ڪيسز رپورٽ ٿيا آھن. گذريل مھيني 3 ھزار 445 مثبت ڪيس ظاھر ٿيا ۽ 7 مريض فوت ٿي ويا ھن چيو تہ ڊينگي ھڪ ماحولياتي بيماري آھي انھي جو اڃان تائين پاڪستان سميت دنيا ۾ ڪو بہ علاج يا ويڪسين تيار نہ ٿي سگھي آھي. انھي ڪري ھن بيماري کان بچڻ جي صرف ھڪڙي ئي صورت آھي تہ مريض کي آئيسوليٽ ڪيو وڃي ۽ انھي کي ڪنھن بہ قسم جي اينٽي بائيوٽڪ دوا بلڪل نہ ڏني وڃي اھڙي مريض کي صرف پراسٽامول يا پينڊا ڊول گوريون واپرائڻ گھرجن ھن چيو تہ سنڌ ۾ ھلندڙ مھيني جي پنجن ڏينھن دوران 101 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن ۽ اڃان تائين ڪِٿان بہ ڊينگي سبب موت جا اطلاع نہ مليا آھن ھن چيو تہ گذريل مھيني آڪٽوبر دوران سڄي سنڌ ۾ 3 ھزار 445 ڪيسز مسبت آيا ۽ 7 مريض حياتيون وڃائي ويٺا ھن چيو تہ صحت جي صوبائي وزير ميڊم ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو جي خصوصي ھدايتن تي اسان سڄي سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا کان بچاءُ جي اپائن بابت جاڳرتا مھم ھلائي رھيا آھيون ۽ ان ڏس ۾ اسان سان وڪيلن ۽ استان جا سرگرم گروپ ڪم ڪري رھيا آھن. ھن چيو تہ ڊينگي ھڪ ماحولياتي بيماري آھي ۽ بدقسمتي سان اڃان تائين پاڪستان سميت دنيا ۾ ان جو ڪو بہ علاج يا ويڪسين تيار نہ ٿي آھي انھي موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر دولت جمالي چيو تہ نوابشاھ ضلعي ۾ ڇھن مھينن دوران 130 ڪيسز رپورٽ ٿيا ۽ نومبر جي پنجن ڏينھن دوران ضلعي ۾ 7 ڪيس سامھون آيا جن مان 6 ڪيس صرف شھر جي صاف سٿري علائقي موھڻي بازار ۾ رپورٽ ٿيا آھن اسان سموري ضلعي ۾ مليريا ۽ ڊينگي مڇرن جي خاتمي لاءِ اسپري ڪرائي رھيا آھيون.
