اسلام آباد (بيورو) پيمرا عمران خان جي تقريرن ۽ پريس ڪانفرنس جي نشريات تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. بعد ۾ ٿوري دير بعد وفاق حڪومت پيمرا جو اهو حڪم رد ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ڪالهه هڪ ئي ڏهاڙي تي ٿوري ٿوري وقفي بعد 2 حڪم ناما جاري ڪيا ويا، پهريان پيمرا آرڊيننس 2002 تحت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جون تقريرون ڏيکارڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. پيمرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي ڪو به ٽي وي چينل عمران خان جون تقريرون ۽ پريس ڪانفرنسون نشر نه ڪري سگهندو. ياد رهي ته ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي تقريرن جي لائيو نشر ٿيڻ تي پابندي بابت پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو هو. ٻئي طرف حڪومت پيمرا طرفان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي تقرير ۽ پريس ڪانفرنس تي پابندي جو حڪم نامو رد ڪري ڇڏيو. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي تڪراري بيانن جو نوٽيس وٺندي سندس تقريرون ۽ پريس ڪانفرنس ڏيکارڻ تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. پيمرا طرفان جاري حڪمن ۾ چيو ويو ته عمران خان جي رڪارڊ تقرير به نشر نه ڪري سگهبي. پر وفاقي حڪومت پيمرا قانون جي سيڪشن فائيو تحت اختيارن جو استعمال ڪندي عمران خان جي تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي جو حڪم نامو رد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پيمرا قانون جو سيڪشن فائيو وفاقي حڪومت کي مخصوص حالتن ۾ اٿارٽي جا اختيار معطل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.
