ڀٽ شاهه: اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي گرفتار اڳواڻن سان ملاقات

ڀٽ شاھ (رپورٽ: امير علي بليدي)  سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ پارٽي ڪارڪن سان گڏ تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻن مخدوم فضل ۽ ٻين سان ملاقات لاءِ ڀٽ شاھ ٿاڻي تي پھچي ويو ڀٽ شاھ ٿاڻي تي لاڪپ ٿيل تحريڪ انصاف اڳواڻن مخدوم فضل حسين، مخدوم محسن ۽ مخدوم عمار سان ملاقات ڪئي، گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف اڳواڻن مخدوم فضل مخدوم محسن ۽ مخدوم عمار کي گرفتار ڪري هالا ۽ نيو سعيد آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا ان موقعي تي حليم عادل شيخ لاڪپ تي ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته مخدوم فضل حسين ۽ ٻين مٽياري ضلعي مان تازو پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هالا بائي پاس تي تحريڪ انصاف جي ريلي جي آجيان ڪئي ۽ جلسو پڻ ڪيو هو جيڪو مخالفن کان برداشت نه ٿيو جنهن تي هنن کي بلا جواز انتقامي ڪارروائي تحت سيمينٽ ۽ ٻيو سامان چوري جي ڪيس ۾ لاڪپ ڪيو ويو آهي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا جلد هي آزاد ٿيندا ۽ لوهي سيخون ٽٽڻ واريون آهن جيڪي ٻاهر آهن اهي اندر ٿيندا ۽ جيڪي اندر آهن اهي ٻاهر ٿيندا انتظاميا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته وقت تبديل ٿيندو رهي ٿو هي هڪ ئي خاندان جا آهن مخدوم امين فهيم، مخدوم طالب المولا وڏا نالا هئا مخدوم جميل الزمان کي چوندس ته پنهنجي پٽ تي نظر رکي ته اهو ڇا پيو ڪري، ان جا ماڻهو ڇاپيا ڪن هي زيادتي ٿي رهي آهي. عمران خان جو پيغام مخدوم صاحبان تائين پهچايو آهي پارٽي هنن سان گڏ آهي عمران خان گڏ آهي پوري تحريڪ انصاف مخدوم فضل سان گڏ آهي جلد اڳواڻ آزاد ٿيندا اسين انتقامي ڪاررواين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ان موقعي تي تحريڪ انصاف اڳواڻ عمران قريشي، ديپڪ ڄمار، ايڊووڪيٽ ساجد راجپوت ۽ ٻيا به موجود هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں