حيدرآباد(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف طرفان هيلٿ رسڪ الائونس، ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽرڪچر ۽ يوٽيلٽي الائونس نه ملڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس ملير پاران سنڌ گورنمنٽ اسپتال مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ احتجاج ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽرن، نرسن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري شاهي خان جاگيراڻي، عزيز بروهي، ذوالفقار سهتو، امداد سمورو جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو. نوشهرو فيروز ۾ ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، ڊاڪٽر مرتضيٰ سهتو، ڊاڪٽر رحمت الله سومرو ، اشرف قريشي ۽ سعود ٻوهيو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڊگهڙيءَ ۾ ڊاڪٽرالياس جٽ،ڊاڪٽر منصور ڀرڳڙي،طالب حسين ڪمبوھ،ايوب ڪلوئي،ڪامريڊ صغران خاصخيلي،نسرين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. قمبر ۾ اصغر علي چنجڻي، علي نوازمغيري، محمد رفيق منگي، فيروزدين ڪلھوڙو،آصف علي کوکر جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. دادوءَ ۾ نثار احمد لاشاري ڊاڪٽر منظور، احمد هنڱورو، امتياز احمد چانڊيو، محمد آچر پنهور، ثمينه لاشاري، صداقت علي سومرو، امان الله پنهور، راجه رفيق پنهور امير بخش چنه ،محمد حسن خشڪ، عبدالمجيد جهتيال نظير احمد ٻٻر ، محمد صديق کوکر، زاهد علي لنڊ، ممتاز قمبراڻي، ظهير عباس کهرو، رحمان پنهور، گل محمد شاهاڻي، محمد رمضان سولنگي، نجمه حيسني، گل حسن چانڊيو، قربان علي لنڊ، اختر علي سمون، ظهير لغاري، امداد علي عباسي، سڪندر کوسو، احمد علي اتيرو، غلام حسين قمبراڻي، غلام حيدر هنڱورو، عابد علي لغاري، فهد علي ميمڻ، شھاب الدين کهرو، وسيم بالم جاويد علي لاشاري، محمد عمر هنڱورو، منصور ڀٽي، ستار نوحاڻي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان ڪرونا دوران پنهنجيون زندگيون داءَ تي لڳائي قوم جي خدمت ڪئي ۽ ڪرونا جهڙي موذي مرض جنهن سبب سوين جانين جو نقصان پڻ ٿيو اهڙي صورتحال ۾ صحت کاتي جي ملازمن قوم جي خدمت ڪئي، ان کانسواءِ پوليو ۽ ٻين معاملن تي صحت کاتي جي ملازمن پنهنجيون زندگيون داءَ تي لڳايون ۽ سخت مشڪلاتن کي پڻ منهن ڏنو، اهڙي موقعي تي سنڌ حڪومت پاران ملازمن لاءِ هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جيڪو ڪجهه وقت ڏيڻ بعد بند ڪيو ويو، هنن چيو ته ٻين صوبن جي ملازمن کي هيلٿ رسڪ الائونس، ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽرڪچر ۽ يوٽيلٽي الائونس ڏنا وڃن ٿا پر سنڌ جي ملازمن کي اهي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن جيڪا صحت کاتي جي ملازمن سان زيادتي آهي اڳواڻن چيو ته صحت کاتي جي صوبائي وزير چوي ٿي ته ٻيا ملازم ملي ويندا جنهن کي اسين هڪ سازش سمجهون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ملازمن سان سچي ناهي ۽ اهي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ گهرن ٿا اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريو ته صحت کاتي جي ملازمن جا مطالبا فوري طور تي نه مڃيا ته پوليو ڪمپئين، ڪورونا، اي پي آءِ ۽ او پي اي جو ان وقت تائين مڪمل بائيڪاٽ رهندو جيستائين اسان جا مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن، وزير اعليٰ سنڌ، صوبائي وزير صحت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارن کي اپيل آهي ته فوري طور تي مطالبا منظور ڪري اسان کي پنهنجو حق ڏنو وڃي
