اوٻاوڙو:اوٻاوڙو ۽ ريتي ۾ به شهرين پاران ڪاروبار بند ڪري شهر جي مک چوڪ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪيو، ڌاڙيلن جي سهولت ڪارن تي لعنت جا زور دار نعرا لڳايا ويا، رونتي ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران بيدرديءَ سان شهيد ڪيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي وارثن سان افسوس ۽ پوليس سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، سماجي اڳواڻ خالقداد چاچڙ، مولوي اسلم چاچڙ، ريتي واسي ماما رجب ۽ ريتي يوٿ فورم جي صدر يونس سومرو جي اڳواڻي ۾ ريتي شهر جو ڪاروبار بند ڪرائي مين چوڪ تي ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ ڌاڙيل ڪلچر وڌندو پيو وڃي جنهن جو اصل ڪارڻ پوليس جي اندر ۽ سيول سوسائٽي ۾ ويٺل انهن جا سهولت ڪار آهن جنهن کي پڌرو ڪري ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ٻي صورت ۾ ائين لاشون کڻدا رهندا سون هنن چيو ته اسان کي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي شهادت تي سخت ڏک ٿيو آهي جڏهن ته هو پنهنجو فرض نڀائيندي شهادت ماڻي ڪامياب ٿي ويا آهي، اسان سندس وارثن سان تعزيت ڪريون ٿا ۽ سنڌ پوليس سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ اسان اوٻاوڙو ۽ ريتي واسي وچن ڪريون ٿا ته ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو. اسان جو وزيراعلي سنڌ آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو آهي ته آرمي ۽ رينجرز کان مدد وٺي ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪيو وڃي.
