بدين ۾ رٽائرڊ ملازمن جي گڏجاڻي،گروپ انشورنس سميت ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو

بدين(ڊ ر) بدين ۾ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي گڏجاڻي ھائي اسڪول بدين ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي جي پنجن ئي تعقلن بدين تلھار ماتلي ٽنڊو باگو ۽  گولاڙچي جي مختلف کاتن جي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ اتفاق راءِ سان ضلعي باڊي چونڊي وئي جنهن ۾  صدر جيوترام سانگھاڻي جنرل سيڪريٽري مير بھادر ٽالپر انفارميشن سيڪريٽر اشرف عبدالله ميمڻ جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر علي نواز ٽالپر خزانچي محرم پتافي آفيس سيڪريٽري محمد حنيف عباسي اتفاق راءِ سان چونڊيا ويا انھيءَ موقعي تي اڳواڻن چيو تہ اسان جي پگهار مان ڪٽوتي ڪيل  گروپ انشورنس جي مد ۾ ڪٽيل رقم سنڌ حڪومت بک سبب ڳڙڪايو ويٺي آهي جيڪا اسان رٽائرڊ سرڪاري ملازمن سان سخت بي واجبي آهي جڏهن تہ ٻيا صوبا رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس بينوئل فند جي رقم ڏئي رهيا آهن انهي موقعي تي پوري ضلعي مان اڍائي سئو کان وڌيڪ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں