جلد شگر ملون چالو ڪرائي ڪمند جو اگهه 4 سئو روپيا مقرر ڪيو وڃي:سنڌ آبادگار بورڊ

حيدرآباد ( پ ر ) سنڌ آبادگار بورڊ ٻوڏ کان پوءِ زراعت بابت حڪومتي ۽ انتظامي لاپرواهي ۽ غير سنجيدگي کي زرعي معيشت ۽ آبادگارن لا انتهائي هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ شگر ملون نه هلڻ، زمين مان ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوک لا وقت سر ٻج نه ملڻ سبب ايندڙ سال ڪڻڪ جي وڏي پيماني تي کوٽ جو خطرو پڻ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ حڪومت کان ترت شگر ملون چالو ڪرائڻ، زمين مان هنگامي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ آبادگارن کي ترت ئي ڪڻڪ جو ٻج ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو هڪ اهم اجلاس نائب صدر ڊاڪٽر بشير نظاماڻي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سيد نديم شاهه، زين شاهه،  اسلم مري، طهه ميمڻ، فدا ٿيٻو، حاجي عمر جمالي، يار محمد لغاري، ارباب احسن، مراد علي شاهه بُڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته هن وقت جڏهن مينهن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي زرعي معيشت تباهي جي ور چڙهي وئي آهي ۽ آبادگارن جو وڏو مالي نقصان ٿي چڪو آهي اهڙي وقت ۾ پاسما طرفان کنڊ جي ايڪسپورٽ جي اجازت نه ملڻ جو بهانو ڪري شگرملون هلائڻ کان انڪار ڪرڻ سڌو سنئون زرعي معيشت ۽ آبادگارن سان دشمني برابر آهي.  سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته شگر ملون چالو نه ٿيڻ سبب ڪمند جي واڍي نه ٿي رهي آهي جنهن ڪري هڪ پاسي ڪمند سڪي رهيو آهي ته ٻي پاسي ڪمند واري زمين وقت سر خالي نه ٿيڻ جي ڪري ڪڻڪ جي پوک پڻ متاثر ٿي رهي آهي. جنهن ڪري حڪومت ان معاملي تي ترت اپا وٺي پاسما کي شگرملون چالو ڪرڻ لا پابند ڪري ۽ ڪمند جو اگهه 400 روپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو  آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان اڃان تائين ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو  آهي. جنهن ڪري اهو نظر اچي رهيو آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪڻڪ جي وقت سر پوک نه ٿي سگهندي.  ان کان علاوه حڪومت پڻ ڪڻڪ جو ٻج ورهائڻ جي فيصلي باوجود مونجهاري ۾ پيل آهي ، ان بابت پاليسي چٽي نه ڪري سگهي آهي ۽ ٻج جي ورهاست جو ڪو طريقو به طئي نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري آبادگار پڻ ان معاملي تي مونجهاري جو شڪار آهن. اهڙي صورتحال مان اندازو ٿي رهيو آهي ته آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوک لا ٻج وقت سر ملي نه سگهندو ۽ پوک سخت متاثر ٿيندي، جنهن جا اثر ڪڻڪ جي وڏي پيماني جي کوٽ جي صورت ۾ ئي ظاهر ٿيندا. جيڪو نه رڳو آبادگارن لا پر ملڪ جي زرعي معيشت لا پڻ هاڃيڪار ٿيندو.   ان ڪري زمين ۾ بيٺل پاڻي هنگامي بنيادن تي نيڪال ڪرائي آبادگارن کي ڪڻڪ جو ٻج وقت سر ڏنو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ  وفاقي حڪومت جي اعلان ڪيل آبادگار پئڪيج  تي پڻ بي اطميناني جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهو پئڪيج مطمئن ڪندڙ نه آهي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته ڊي اي پي تي جنهن سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي اهو حقيقت جي ابتڙ آهي، حڪومت ڊي اي پي جو اگهه 14000 روپيا ڄاڻائي 2500 روپيا سبسڊي جو اعلان ڪيو پر ان اعلان واري وقت به مارڪيٽ ۾ ڊي اي پي جو اگهه 11500 روپيا هو. ان ڪري حقيقي طرح ان اگهه جي بنياد تي سبسڊي ڏئي اهو اگهه 9000 روپيا مقرر ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ٻوڏ سبب آبادگارن جي ٿيل نقصان جي سروي تي پڻ بي اطميناني جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ آبادگار بورڊ چيو آهي ته  اهي اطلاع ملي رهيا آهن ته آبادگارن جي ٿيل نقصان جو اهو سروي حقيقي بنيادن بدران سياسي بنيادن تي ٿي رهيو آهي. ان ڪري حقيقي بنيادن تي سروي ڪري آبادگارن جا اعتراض ختم ڪيا وڃن. سنڌ آبادگار بورڊ ٻوڏ کان پو جانورن ۾ وڏي پيماني تي بيماريون پکڙجڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ هزارين جانورن جي مرڻ ۽ ٻين بيمار جانورن جي علاج جو ڪو مناسب انتظام نه ٿيڻ تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته  هن وقت تائين هزارين ڍور بيمارين وگهي مري چڪا آهن ۽ وڏي انگ ۾ اڃان به بيمارين جي ور چڙهيل آهن پر لائيواسٽاڪ کاتو ڪٿي ڪو اثرائتو ڪم ڪندي نظر نه ٿو اچي، ان ڪري حڪومت ان پاسي ڌيان ڏي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي تي نظر رکي ان کي وڏي پيماني تي سرگرم ڪري جانورن کي بچائڻ لا اثرائتي ويڪسينيشن ڪرائي وڃي. سنڌآبادگار بورڊ چيو آهي ته آر بي او ڊي جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان اڌ ۾ روڪيل آهي، جيڪڏهن اها هن وقت تائين مڪمل ٿي چڪي هجي ها ته هاڻوڪي ٻوڏ سان ٿيل تباهي کان گهڻي قدر بچي سگهجي ها. ان ڪري آر بي او ڊي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ گهر ڪئي ته ايل بي او ڊي جي پڻ ري ماڊلنگ ڪري ان جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش وڌائي وڃي ته جيئن ان سان ٿيندڙ تباهي کان بچي سگهجي. جڏهن ته ڍورن ۽ پاڻي جي ٻين سمورن قدرتي لنگهن کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں