روم تنهنجا روپ هزار

امير ابڙو
ويٽيڪن سٽي ميوزم ۽ شاهه لطيف
روم شهر ۾ ويٽيڪن سٽي رياست جي اندر هڪ الڳ رياست آهي جنهن تي پوپ جو ڪنٽرول آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته رومن مملڪت کان شروع ٿيندي رومن ڪئٿولڪ تائين رومي قوم جي داستان به ائين ئي آهي جيئن عرب جهالت جي دور مان حضور صلعم جي ذريعي قرآن طرف مايل ٿيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته عيسائيت به مسلمانن جيان دولت ۽ اقتدار جي حوس جو شڪار ٿي ويئي. انسان پنهنجي مادي ضرورتن يا وري نفساني خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ مذهب کي استعمال ڪرڻ لڳو جڏهن ته الله تعاليٰ نبين جي ذريعي پوري انساني تاريخ ۾ اهو ئي سبق ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته ڀلائي ڪريو ۽ پنهنجي نفس کي معبود نه بنايو جو انهيءَ کي معبود بنائڻ وارا عارضي طور تي حڪمران ٿي وڃن ٿا پر سندن آخرت انساني وحشتن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. ويٽيڪن ميوزم ۾ مائيڪل اينجلو جي رکيل ٻن شاهڪار مان جيڪا تعليم ملي ٿي، خبر ناهي ته هتي ايندڙ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ماڻهن کي اها سوچ اچي ٿي يا نه پر مون کي انهن سوچن ڳوڙهي ويچار ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي. انهن ٻن شاهڪارن مان هڪ جو نالو آهي ، ‘قيامت جو ڏينهن‘ جنهن ۾ انسان کي ڪيترن ئي عجيب و غريب مرحلن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ڪٿي ندي پيو پار ڪري ته الٽو ٻيڙي اونڌي ٿي ٿي وڃي ، ڪٿي باهه جي طرف ڌڪيو پيو وڃي ته دانهون ڪوڪون ٿو ڪري ته مون کي ٻيهر موقعو ڏنو وڃي. ڪٿي الله تعاليٰ جي آڏو آزيون نيزاريون پيو ڪري ته مون کي معاف ڪر، دنيا ۾ ٻيهر موقعو ڏي، هن ڀيري آئون پنهنجي نفس تي ڪنٽرول ڪندس. اها ساڳي ڪيفيت شاهه لطيف پنهنجي ڪيترن ئي سرن ۾ سندس سورمين ذريعي بيان ڪئي آهي. جيئن سر مومل راڻي ۾ ڪاڪ محل کي پلصراط جو رستو ڪري مجاز کان حقيقت جو سفر ڪري ڏيکاريو اٿس.
مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس
نه عام نه خاص ، جي ويا سي وڊيا.
قيامت جي باري ۾ لطيف سائينءَ جو شعر آهي
سڄڻ سينگاري ڪيائونس مهاڙ مقام ڏي
کڻي کٽولي هليا لوڪان نظاري
لاٿائونس لطيف چئي قبر ڪناري
سئنون سمهاري ڌڙ لٽيائونس ڌوڙ ۾.
مائيڪل اينجلو جهڙيءَ طرح سان پنهنجي تصوير جي ذريعي الله جي آڏو پنهنجي عاجزي پيش ٿو ڪري، بلڪل اهڙيءَ طرح لطيف سائين هن شعر ۾ قيامت جي ڏينهن انسان جي جيڪا ڪيفيت هوندي يا انهيءَ ڏينهن لاءِ الله جي آڏو پنهنجي ڪيفيت هيئن بيان ڪري ٿو
هوت ڪجان نه حساب آئون ته ڏوهي آهيان
ميري سندي من ۾ ناهي ڪو جانب ثواب
ڪهڙو جواب ڏينديس هر هڪ ڏوهه جو.
فرق فقط اهو آهي ته اولهه جي ملڪن ۾ جيڪي آرٽسٽ مشهور ٿيا ، انهن کان ههڙي قسم جا شاهڪار پاڻ تعمير ڪرايا ويا جڏهن ته ليونارڊو جهڙا آرٽسٽ عوام جي دلين تي راج ڪندا رهيا جو هن کي ڪنهن پوپ جي صنعت ملڻي نه هئي. هي قيامت جي ڏينهن جو تصور پيش ڪندڙ تصوير جيڪا تمام وڏي ايراضيءَ تي مشتمل آهي، وقت جي پوپ 1541 ۾ سسٽين چيپل ۾ ويهي تعمير ڪرائي جيڪا هن 1536 ۾ شروع ڪئي هئي. پر ان جي باوجود سندس تصوير جو هڪ پنهنجو مقام آهي، شاهه لطيف جي شاعري غير شعور مان نڪرندڙ اعليٰ انساني ڪيفيتن جو شاهڪار آهي جيڪو هن ڪنهن جي حڪم تي نه پر پنهنجي وجود جي آسانيءَ لاءِ تخليق ڪيو ، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙن شاهڪارن کي به عمل ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي مراعاتن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هن ميوزم ۾ جيڪا مائيڪل اينجلو جي تصوير پوري ديوار تي ڇائنيل آهي انهيءَ جو عنوان آهي‘ حضرت آدم جو الله سان تعلق‘. هن تصوير ۾ آدم عليه السلام پنهنجي هٿ سان الله تعاليٰ کي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش پيو ڪري جڏهن ته الله تعاليٰ کيس ڌرتيءَ تي پيو موڪلي. هيءَ ڪيفيت حضرت آدم جي ان وقت جي آهي جڏهن هو ڌرتيءَ تي موڪليو ويو ۽ کيس ملامت ٿيڻ لڳي ته مون کي الله جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کپندي هئي ۽ پوءِ دعا گهريائين جنهن جو ترجمو هن ريت آهي. اي منهنجا رب مون يقينن پاڻ تي ظلم ڪيو، پنهنجي نفس جي پوئواري ڪئي، جيڪڏهن تو مون تي رحم نه ڪيو ته آئون خساري وارن مان بنجي ويندس. بلڪل هيءَ تصوير انهيءَ ڪيفيت جو پيغام پئي ڏي. هن تصوير ۾ الله تعاليٰ کي ڏاڙهيءَ وارو ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس منهن ۾ نرملتا گهٽ جاهه وجلال وڌيڪ ٿو محسوس ٿئي. مسلمان ملڪن ۾ جيڪڌهن اها تصوير گل جي جهڙو ڪو تخليقڪار تخليق ڪري ها ته کيس شريعت جي اصولن مطابق موت جي سزا ٻڌائي وڃي ها .انهن ڪيفيتن تي شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيئي بيت آهن پر شاهه لطيف جو ارمان ۽ الله سان حجت تمام گهڻي پنهنجائپ ٿي محسوس ڪرائي، ٿي سگهي ٿو اها ان ڪري به محسوس ٿيندي هجي جو هو سنڌي هو ۽ آئون به سنڌي آهيان. شاه لطيف کي قرآن جو مطالعو تمام گهري نموني ٿيل هو ۽ آيتون پيهي ويل هيون جو سندس بيتن مان قران جون آيتون ظاهر ٿي نڪرن ٿيون. روحن خلقڻ تي ۽ انسان جي ڌرتيءَ تي اچڻ تي سندس هي بيت آهي
چئي ڪن فيڪون جڏهن خلقيا روح خدا
گڏ جت گذران هو جڙ لڳي ته جاءِ
مون توهين سين آهه اها ساڃاهه سپرين
قرآن شريف جي سورت بني اسرائيل ۾ هڪ هنڌ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ، ترجمو پيش ڪريان ٿورو
روح تنهنجي رب جي حڪم تي پئدا ٿيا آهن، توهان کي انهيءَ جي باري ۾ تمام ٿورو علم عطا ڪيو ويو آهي:
هن ميوزم ۾ يوناني ڌند ڪٿا جون ڪهاڻيون مجسمن جي صورت ۾ رکيل آهن جيڪي پڻ اتساهه ڏيندڙ آهي جن جي باري ۾ ٻي قسط ۾ لکبو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں