رونتي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو، ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪار شهيد،4 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي/ميرپور ماٿيلو/ اوٻاوڙو(رپورٽ:ذوهيب اياز دايو، انيس ڪولاچي، منيراحمدگرگيج ) گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي رونتي ۾ ٽن مغوي کي باندي بڻائڻ جي اطلاع تي مغوين جي بازيابي جي لاء گهوٽڪي پوليس پاران ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي سربراهي ۾ رونتي جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو آپريشن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ڇتي خوني ويڙهه ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي رونتي عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو عبدالمالڪ ڪمانگر، ايس ايڇ او کهينجو دين محمد لغاري، پوليس اهلڪار جتوئي پتافي، پوليس اهلڪار سليم چاچڙ، ڌاڙيلن سان وڙهندي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ ايس ايڇ او محمد امين بروهي سميت پنج پوليس اهلڪار شديد زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ڌاڙيلن پاران شهيد ٿيل پنج پوليس اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمين کي ڪيترائي ڪلاڪ پنهنجي قبضي ۾ رکيو جنهن بعد شهيد ٿيل اهلڪارن جي لاشن ۽ زخمين کي رونتي جي ڪچي ۾ ڦٽو ڪيو ويو، واقعي بعد ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو جي اڳواڻي ۾ سموري ضلعي جي پوليس نفري راتون رات رونتي جي ڪچي ۾ پهتي جتي شهيد ٿيل اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اوٻاوڙو جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان زخمي ٿيل پوليس عملدارن کي علاج لاء مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو ۽ شهيد ٿيل پوليس عملدارن جي لاشن کي ضروري ڪاروائي بعد ايس ايس پي آفيس آندو ويو جي صبح جو ايس ايس پي آفيس اڳيان سندن جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ايم اين اي محمد بخش مهر، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو سميت، پوليس، رينجرز، فوج، ۽ سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شهيد اهلڪارن جي نماز جنازه ادا ڪرڻ بعد کين سرڪاري اعزاز سان پنهنجي پنهنجي علائقن ڏانهن نيو ويو، جتي سندن جا مڙهه مٽي ماء جي هنج ۾ هميشه لاء آرامي ڪيا ويا، واقعي بعد گهوٽڪي ضلعي سميت سموري سنڌ ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي، سوشل ميڊيا جي صارفين پاران مختلف سائيٽس تي شهيد جوانن کي ڀيٽائون پيش ڪيون ويون، 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں