ڪراچي (خاص عيوضي وٽان) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي اليڪشن مهم جاري آهي. ٻنهي پئنلن پاران گڏيل ورڪ ڪرڻ سان گڏ اميدوار انفرادي طور به پنهنجي ورڪ ڪري رهيا آهن. نائب صدر (ڪئناڊا لاءِ) محمدالدين ميمڻ جي پئنل جي اميدوار راهول ڀماني روزاني “سنڌ” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بنيادي طور مان سنڌ جي هڪ پوئتي پيل علائقي ٿرپارڪر سان تعلق رکان ٿو ۽ ڪئناڊا ۾ ريئل اسٽيٽ جو ڪم ڪريان ٿو ۽ پنهنجي فيلڊ ۾ بهتر ڪم ڪرڻ سبب ايوارڊ به حاصل ڪري چڪو آهيان. هن چيو ته مان اڳ ۾ به 2018ع ۾ سانا ۾ نائب صدر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهيان. هن چيو ته منهنجو اليڪشن ۾ بيهڻ جو مقصد نارٿ آمريڪا ۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ آهي. نارٿ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي گڏجڻ سان اسان جي طاقت ۾ اضافو ٿيندو. نون ايندڙ ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ان سان گڏ اسان سنڌ ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف سنڌ جو ڪيس بين الاقوامي ادارن تائين به پهچائينداسين. راهول جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجو اهو به مقصد آهي ته وقتن بوقتن سوشل پروگرام منعقد ڪرايا ويندا. سڄي دنيا ۾ آباد سنڌين سان رابطا وڌايا ويندا.
