سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿي ويو

ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع تحت 70 کان وڌيڪ مختلف بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿي ويو. ٻئي مرحلي جي انٽري ٽيسٽ ۾ 3355 شاگردياڻين ۽ 8225 شاگردن سميت مجموعي طور 11580 اميدوارن 10 هزار جي لڳ ڀڳ سيٽن لاءِ حصو ورتو. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئمپس جو دؤرو ڪري امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کان پاڻي، بسڪٽ، پين ۽ سوالنامي سميت سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. وائيس چانسيلر جي دوري دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، احسان الله شاهه راشدي، پروفيسر سعيد احمد منگي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، عبدالمجيد پنهور، امر سنڌو، ڊاڪٽر رابعه اسماء ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. ٽيسٽ صبح جو 10 وڳي شروع ٿي، جيڪا 90 منٽن تائين جاري رهي. انٽري ٽيسٽ لاءِ 3355 شاگردياڻين لاءِ انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بائلاجي، انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري، انسٽيٽيوٽ آف بايو ٽيڪنالاجي اينڊ جينيٽڪ انجنيئرنگ، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ الڳ امتحاني بلاڪ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته 8225 شاگردن لاءِ آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ، ڊپارٽمينٽ آف زولاجي، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزڪس ۾ امتحاني هال قائم ڪيا ويا. ان کان سواءِ 30 آڪٽوبر تي ٽيسٽ جي پهرئين مرحلي ۾ غير حاضر ٿيل 85 ڇوڪرين ۽ 223 ڇوڪرن سميت مجموعي طور 308 اميدوارن لاءِ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ الڳ الڳ امتحاني هال قائم ڪيا ويا.سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 70 کان وڌيڪ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ جي ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي 10ضلعن ڄامشورو، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار،مٽياري، ٺٽو ۽ سجاول جي 11580 اميدوارن تقريبن 10 هزار سيٽن تي داخلائن لاءِ پنهنجي قسمت آزمائي. انٽري ٽيسٽ شروع ٿيڻ کانپوءِ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته پري انٽري ٽيسٽ جي ٻنهي مرحلن کي بهترين انداز ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون، جن ۾ سينيئر پروفيسرن ۽ آفيسرن کي شامل ڪيو ويو، سندن بهترين ڪارڪردگي سبب ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو به سهڻي انداز ۾ مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي اسڪالرشپس جي مد ۾ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ورهائي چڪا آهيون، چاهيون ٿا ته هر ٻار کي اسڪالرشپ ملي، ان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں