لياقت علي پنھور
پاڪستان جي سياست ۾ ڪا ڳالھ ناممڪن نه آھي ھتي سڀ ڪجھ ٿي سگھي ٿو صرف ھڪ شئي نه ٿي سگھندي آھي ،اھا نه ٿيڻ واري شئي انصاف آھي سچائي آھي ايمانداريءَ آھي جيڪڏھن اھي ٽئين شيون اسان وٽ ھجن ته اسان جو ملڪ ترقي ڪندو اسان جو عوام بک نه مرندو اسان کي ڪنھن جي آڏو ھٿ ٽنگڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ نه وري جھموريت جي خيرات گھرڻي پوندي ،نہ وري اسٽيبلشمينٽ جي جھولي ۾ ويھڻ لاءِ ھڪ ٻئي کي ڏٺو ڪرڻو پوندو ،جڏھن ھڪ ٻئي کي خوار ڪيو ويندؤ آھي تہ پوءِ جھموريت جو جنازو نڪرندو آھي سياسي اختلاف ھرڪنھن جا ڀلي ھجن پر سياست کان ھٽي ڪري مفادن جي دشمني ھرگز نه ھجڻ گھرجي جنھن جو فائدو ھميشه ٽئين قوت کي ملندي آھي ان ڪري سياست کي عبادت سمجهي ڪجي تي جئين تہ نالو ھميشه زندھ رھي ، ھتي جن ارڏائي ڪئي ،انھن ڀوڳيو آھي پوء اھو ذولفقار علي ڀٽو ھجي يا محترمه بينظير ڀٽو شھيد ھجي يا مير مرتضي ڀٽو ھجي يا وري بشير خان قريشي ھجي انھن سان جيڪو ڪجھ ٿيو تاريخ جا ورق گواھ آھن انھن اھڙي ٻولي نه ڳالھائي ھئي جھڙي ٻوليءَ ھن وقت ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ ٻولين پيا ،جيڪڏھن ھن وقت به اھڙي قسم جي بيان بازي سنڌ مان ٿئي ھا ته ڪافي اڳواڻ يا غائب يا وري شھادت جو رتبو ماڻي چڪا ھجن نواز شريف ٿورو چپ چوريو ته خيريت سان پرڏيھ ويو ۽ عمران خان توڙي ان جا ورڪر بي لغام سوشل ميڊيا تي جيڪا ٻوليءَ ڳالھائي رھيا آھن انھن جو ڪو وار ونگو نه پيو ٿئي ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو محترمه بينظير ڀٽو کي معاف نه ڪيو ويو ڪراچي ڪار ساز واقعو به تاريخ جو خونريزي واقعو آھي ان ھوندي به ڪڏھن به پيپلزپارٽي اھڙي قسم جي آڪڙ نه ڏيکاري آھي جھڙي طرح عمران خان جي لانگ مارچ تي حملي تي ري ايڪشن ڪري ملڪ جي ادارن کي نشانو بڻايو ويو آھي اھو حملو خود ھن وقت چھچٽو ٿي ويو آھي مختلف قسم جا تبصرا به ھلندڙ آھن ڪو عمران جو پنھنجو پلان پيو چوي ته ڪو وري چوي ٿو ته عمران خان جو زخمي ٿيڻ به ناٽڪ آھي جيڪڏھن ھڪڙي ٽنگ ۾ گولي لڳي به آھي ته پوء ٻيو ٽنگ ڇو پلستر ڪيو ويو آھي خود اھو حملو ڪافي سؤال اڀاري پيو اندروني ذريعا اھو به ٻڌائي رھيا آھن ته جن کي حملي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جنھن کان اقرار به حملي جو ڪرايو ويو آھي ان جو پويان گرائونڊ به تحريڪ انصاف سان وابستگي جو آھي جنھن ڪري قصو ويتر ٻڏتر ۾ آھي ھاڻ ايندڙ رپورٽ به ڪافي مونجھاري وارا ثابت ٿيندا ڇو ته عمران خان بضد آھي ته وزيراعظم وفاقي گھرو وزير ۽ ھڪ اھم اداري جي سربراھ تي ڪيس داخل ڪجي پر پنجاب جو وزير اعلي پرويز الاھي ٻنھي پاسن کان ڦاٽل آھي ھڪڙيءَ طرف کوھ نظر اچي رهيو آھي ته ٻئي طرف کڏو ھاڻ ڪھڙي پاسي وڃي ڇو ته حملو پنجاب ۾ ٿيو آھي پنجاب جو وزير اعلي به عمران خان جو آھي ان ڪري پنجاب سرڪار پھرين ڏينھن ئي تڪڙ ڪري اسڪرپٽ جوابدار کي ظاھر ڪري ويڊيو جاري ڪرڻ تي نه صرف ڪيس کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي پر ويتر تحريڪ انصاف تي اھڙي حملي کي سواليه نشاني بڻايو آھي ان ڪري ڪيس ھاڻ نه ھيڏانھن جو رھيو نه ھوڏانھن جو آھي پنجاب سرڪار ته جان ڇڏائڻ ۾ پوري آھي ۽ وفاق وري ان ڪيس ۾ پنجاب سرڪار سان سهڪار ڪرائڻ جي موڊ ۾ آھي ھاڻ ڪيس تي جھيڙو ھوندو ته ان جي جاچ ڪئين ڪجي عدالتي ڪميٽي قائم ڪجي يا وري پوليس پنھنجي ڪارروائي ڪري جيڪڏھن پنجاب پوليس ڪيس کي پنھنجي مرضي سان ڪري ٿي ته وفاق طرفان سوال به اٿي سگھن ٿا جيڪڏھن وفاق مداخلت ڪندي ته تحريڪ انصاف وارا چوندا ته ڪيس خراب ڪرڻ جي پلان آھي خير اھو ڪيس به ويو جھڙوڪر لڙھي ،يا وري خود عمران خان به خوش آھي ته ھڪڙي پاسي ٿئي ، ڪجھ اندروني ذريعا اھو ٻڌائي رھيا آھن ته وفاق ۽ ھڪ اداري پاران اھا ڪوشش آھي ته ان ڪيس کي بھتر نموني سان جاچ ڪري عوام آڏو آڻجي ته جيئن تحريڪ انصاف کي ننگو ڪجو ، ھتي تحريڪ انصاف وارن سان شايد اھو ئي ٿيو آھي جيڪو ٻئي جي لاء کڏ کوٽي پاڻ ڪري ،لانگ مارچ تي حملي وارا پيرا به انھن ڏانھن ئي وڃي رھيا آھن ھاڻ اڳتي ڏسجي ڇا ٿو ٿئي ڪم گھڻو آھي ھتي اھي به سوال جنم وٺي رهيا آهن ته ڇا عمران خان تي حملي وارو ڪيس تي جاچ ٿي سگھي ٿو اصل ڪھاڻي سامھون اچي سگھي ٿي يا نه ؟! پر سياست تي گھري نظر رکندڙن جو تبصرو آھي ته عمران خان واري حملي جي ڪيس تي جاچ جو ڌائرو وڌايو ويندؤ جئين مکڻ مان وار ڪڍبي آھي اھڙي طرح ھن ڪيس کي به ظاھر ڪيو ويندؤ ،اھو ان ڪري ته جيڪڏھن ايئن نه ڪيو ويو ته اھو اسٽيبلشمينٽ ڏانھن سمجھيو ويندو جنھن ڪري ان ڪيس تي پردو ھرگز نه وڌو ويندو عمران خان ہلانر ته آھي پر ھن ڀيري وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٽل آھي ڪجھ اندروني ذريعا اھو به ٻڌائي رھيا آھن ته ان پلان جو ماسٽر مائينڊ خود پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي آھي جنھن اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ دؤران اڳ ۾ حملي جو پلان تيار ڪري پاڻ کي پٽي ٻڌي خلق کي پاڻ تي کلايو ھن وقت عمران خان جي زخمي ٿيڻ ۽ پٽي ٻڌڻ واري مسئلي تي سوشل ميڊيا تي خوب مذاڪ متل آھي جنھن ڪري تحريڪ انصاف جي رڌڻي ۾ رولو آھي اندروني ذريعا اھو به ٻڌائي رھيا آھن ته جلد اھم راز فاش ٿيڻ وارا آھن تحريڪ انصاف جا ڪافي اڳواڻ به تحريڪ انصاف کاج رستو ڌار ڪرڻ وارا آھن سنڌ ۾ اھم اتحادي پيرپاگارو به پاسو ڪري ڇڏيو آھي جيڪو اڳ چوندو ھو ته عمران خان سان جيڪو آخري ماڻھؤ گڏ ھوندو اھو مان ھونداسين ھاڻ وري اسٽيبلشمينٽ جي پويان آھي ته اسين ان سان گڏ آھيون ان ڪري طاقت طاقت آھي ڪير ڪيترو به بھادر ڇو نه ھجي وري به گوڏا کوڙيندو عمران خان کي به پنھنجي ارڏائي گلي ۾ پئي جيڪو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ٿيڻ پئي چاهيو پر ان کي ڪير سمجھائي ڀٽو سنڌ جو ھو تنھن ڪري شھيد ٿيو ،بينظير ڀٽو سنڌ جي نياڻي جنھن ڪري لاش مليو ، باقي ڦٽاڪن ۾ زخمي ڪري ھيرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندي آھي ارڏائي جا به اصول ھوندا آھن جيڪي اصول شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي ۾ ھيا جيڪي اصول شھيد بينظير ڀٽو ۾ ھيا ان ڪري شھيد ٿيا باقي اصول بنا ھيرو ٿيڻ وارا ھميشه پنھنجو مذاڪ اڏائي ڇڏيندا آھن جيڪو ھن وقت اڏي رھيو آھي ان ڪري اصولن واري سياست تي ھلندڙ ھميشه تاريخ ۾ زندھ رھندا آھن
