لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هڪ سياسي پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم هجڻ باوجود جيڪڏهن مان پنهنجي مرضي سان ايف آءِ آر داخل نٿو ڪرائي سگهان ته عام ماڻهو کي انصاف ڪيئن ملي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي يقين آهي ته 3 ماڻهن مون کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي. اهو منهنجو حق آهي ته ان ٽنهي ماڻهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرايان. مان هڪ مشهور پارٽي جو اڳواڻ آهيان، ان کان علاوه مان اڳوڻو وزيراعظم به آهيان جيڪڏهن مان پنهنجي مرضي سان ايف آءِ آر داخل نٿو ڪري سگهان ته پوءِ عام ماڻهو ۽ سموري قوم کي انصاف ڪيئن ملندو.؟ عمران خان چيو ته مان اڳ ئي اهو چوندو هئس ته هتي انصاف ملڻ مشڪل آهي، اهو معاشرو ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي جتي انصاف نه هجي ۽ قانون جي حڪمراني نه هجي. مان جيڪڏهن صاف شفاف چونڊون چاهيان ٿو ته اهو منهنجو حق آهي. هڪ اڳوڻو وزيراعظم چئي رهيو آهي ته منهنجي مٿان قاتلاڻي حملي ۾ 3 ماڻهو ملوث آهن پر اسان جي ئي پوليس ڪنهن جي چوڻ تي اسان جي ايف آءِ آر داخل نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته منهنجي مٿان حملي سان فوري طور تي پروپيگنڊه شروع ڪئي وئي ۽ ٽوئيٽس ڪرائي وئي ته حملو مذهبي انتها پسندي جو نتيجو آهي. اهو هنن جو پلان آهي مون کي توهين مذهب جي الزام ۾ قتل ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته مون کي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان تي حيرت آهي ته هن چيو ته جيڪڏهن هڪ شخص کي نامزد ڪيو ته ان جو مطلب آهي ته پوري فوج کي ملوث ڪيو؟ هن چيو ته اسان کي ۽ ارشد شريف جي والده کي خبر آهي ته ارشد شريف کي ڪنهن کان جان جو خطرو هو. ان جي جاچ جي لاءِ به سپريم ڪورٽ جو جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چوي ٿو ته سائفر ڊرامو آهي جيڪڏهن اهو ڊرامو آهي ته ان جي جوڊيشل جاچ ڇو نه ڪرائي وئي؟ ڪنهن ڳالهه جو ڊپ آهي؟ جڏهن نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل چئي رهي آهي ته مداخلت ٿي ته آءِ ايس پي آر ڇو چئي رهيو آهي ته مداخلت ناهي ٿي؟ چيف جسٽس صاحب! سائفر آيل آهي، جيستائين اوهان جاچ نه ڪندو ته مداخلت جي ڪيئن خبر پوندي. اعظم سواتي جي معاملي تي عمران خان چيو ته چيف جسٽس هن معاملي جي به جاچ ڪرائي وڃي. هن معاملي ۾ به ساڳيا ماڻهو ملوث آهن جيڪي ان کان اڳ به صحافين کي کڻندا رهيا آهن. اعظم سواتي جي وڊيو فيڪ ناهي، اسان سپريم ڪورٽ جي ٻاهران احتجاج ڪنداسين جنهن ۾ سواتي سان گڏ اسان جا سمورا سينيٽرز هوندا ۽ مطالبو ڪنداسين ته اعظم سواتي کي انصاف ڏنو وڃي. عمران خان چيو ته اڱاري جي ڏينهن اتان کان ئي مارچ شروع ڪنداسين جتان معظم شهيد ٿيو. سموري پاڪستان جا ماڻهو ساڳئي هنڌ تي جمع ٿي اسلام آباد طرف مارچ ڪنداسين ۽ 10 کان 14 ڏينهن جي اندر اسلام آباد پهچي وينداسين.
