عمرڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ(ڊ ر) ٿرپارڪر جي علائقن ڪٻڙي کينسر کٽڪڙي کيمي جو پار جو گهرن ۾ ڌاڙن ۽ چوري جي  وارداتن خلاف پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو حاجي عبدالرئوف راھمون اڪبر راھمون حنيف عبدالغني منصور راھمون دلاور ممتاز رسول بخش راھمون جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر جي علائقن ۾ لکين رپين جون چوريون ۽ ڌاڙا لڳا آھن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيئڻو ناهي ڪيو ٿر جا مقامي پٽيل ڀوتار ۽ سياسي وڏيرا چورين ۾ ملوث آھن رسول بخش ۽ محمد سليم راھمون جي گھرن ۾ ڌاڙا ھڻي ڦورو لکين روپين جو سامان کڻي ويا پر کينسر ۽ کيمي جو پار پوليس چورن سان ٻٽ بڻيل آھي ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏنو آھي اسان ايس ايس پي ٿرپارڪر عابد علي بلوچ کي درخواستون به ڏنيون پر پوليس ڪيس داخل به ٿي ڪري ايس ايس پي جي حڪم باوجود پوليس اسان کان تيل جي مد ۾ پئسا وٺي رهي آهي انهن ڊي آئي جي ميرپورخاص ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايڇ او کيمي جو پار ۽ کينسر خلاف ڪارروائي ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں