لواري شريف ڀرسان اسڪولي ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور

بدين(ڊ ر) لواري شريف ڀرسان يوسي پير فتح شاهه جو گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول لال بخش نوتڪاڻي تعلیم کاتي جي نااهلي ڪرپشن اقربا پروري انتظامي بي ڌياني جي ور چڙهي ويو آهي ان ڏس ۾ ڳوٺ جي رهواسين بشير احمد نوتڪاڻي فضل قادر نوتڪاڻي احمد مراداڻي محمد ابراهيم  نوتڪاڻي مشتاق احمد شيدي ۽ سليم نوتڪاڻي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي اسان جي ڳوٺ ۾ 1951 ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيو آهي جنهن سال 1992 ۾ اپگريڊ ڪري ايلمنٽري اسڪول جو درجو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ هن وقت پهرين کان 8 هين تائين 250 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن هنن چيو اسڪول کي مليل بلڊنگ زبون حالت ۾ آهي جڏهن ته اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب اسان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون فرش تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن هنن جو چوڻ آهي ته اسان ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي ڪامورن کي اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت فرنيچر پيئڻ جي صاف پاڻي واش رومن ۽ ٻين گهربل سهولتن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن پر ڪوبه به تدارڪ نه ٿيو آهي هنن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سهولتن جي اڻ هوند سبب  شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي اسڪول بلڊنگ زبون هئڻ سبب معصوم ٻارڙن جي جان کي به خطرو آهي هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ سيڪريٽري ايجوڪيشن غلام اڪبر لغاري ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن حيدرآباد عزيز الله اوڍو کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ لال بخش نوتڪاڻي جي مڊل اسڪول کي بلڊنگ فرنيچر پيئڻ جي صاف سميت گهربل سهولتون ڏنيون وڃن 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں