ملير(ڊ.ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ملير جي سڏ تي مرڪزي اڳواڻن منير مگسي، عبدالرزاق شر، اصغر کوسو جي اڳواڻي ۾ گهگهر جي نجف چوڪ کان نيشنل هاءِ وي تائين پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملير جي مختلف علائقن گهگهر شهر ۽ ڀرپاسي جي 100 کان وڌيڪ ڳوٺن جا رهواسي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت کان محروم آهن جنهن سبب ملير جي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ شاگردن جي تعليم پڻ مڪمل نٿي ٿي سگهي، اڳواڻن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي آهي ۽ ملير ضلعي مان پنج ايم پي اي ٻه ايم اين اي چونڊيل آهن، انهن سڀني جو فرض آهي ته ملير جي مسڪين مارئوڙن جي ترجماني ۽ مالڪي ڪندي ملير جي ٻهراڙين تائين پيپلز بس سروس شروع ڪرائي وڃي، اڳواڻن چيو ته حڪومت پاران پاران پيپلز بس سروس جيڪا شهر جي مختلف علائقن ۾ شروع ڪئي وئي آهي پر ٻهراڙين تائين ان کي وسيع ناهي ڪيو ويو جنهن سبب شهر ڏانهن ويندڙ نوڪري پيشا ماڻهن ۽ شاگردن کانسواءِ مختلف اسپتالن ڏانهن ويندڙ مريض سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته پهرين مرحلي ۾ گهگهر تائين پيپلز بس سروس شروع ڪئي وڃي جنهن بعد ميمڻ ڳوٺ، ڪاٺوڙ ۽ گڏاپ جي علائقن تائين پيپلز بس سروس شروع ڪري ملير جي مارئوڙن کي سهولتون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي
