لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ بلوچستان رائيس ملرس اينڊ ٽريڊرس ايسوسيئيشن جو ساليانو اجلاس صدر قمرالدين گوپانگ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ توڙي بلوچستان جي رائيس ملرز وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملرس کي حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪيسڪو، خوراڪ کاتي، تحفظ ماحوليات ۽ ٻين کاتن طرفان پيش ايندڙ سيپا جا در پيش مسئلن، واپارن کان ڦرلٽ، ٻوڏ کان پوءِ ملن تي لاڳو ڪيل واڌو ٽئڪس سميت ٻين مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي متفق راءِ سان مسئلن کي حل ڪرائڻ جو عزم ورجايو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي مرڪزي صدر حاجي قمر الدين گوپانگ چيو ته آءُ رائيس ملر به آهيان ته آبادگار هجڻ سان گڏ سياسي اڳواڻ به آهيان، مون کي مل مالڪن جي سمورن مسئلن تي تڪليف جو احساس آهي، اسان هميشه تنظيم کي فعال ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي آهي تنهن ڪري رائيس مل مالڪن جي هر هڪ مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس. مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسد علي تنيو چيو ته واپڊا، حيسڪو، سيپڪو، ڪيسڪو، خوراڪ کاتي توڙي واپاري برادري سان لاڳاپيل ادارن جو ناروا سلوڪ برداشت نه ڪيو ويندو. اسين حڪومت وقت کي آگاهه ڪريون ٿا ته بجاءِ ڪنهن نقصان جي ازالي ڪرڻ جي اسان رائيس ملرس ڏانهن ڳرا بل اماڻي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪيون ته ٻوڏ ستايل ضلعن جي سڀني ملن تي واڌو بل ۽ ٽئڪسون ختم ڪري ۽ وياج کان بغير قرض ڏنا وڃن ته جيئن اسين هن ايڏي وڏي صنعت جيڪا ملڪ جي ٻيو نمبر ناڻي جي ڪمائي جو ذريعو آهي ان کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهون ٻي صورت اسين پنهنجون ملون بند ڪرڻ جهڙا ٿي وينداسين.
