گهوٽڪي: ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جو چوڻ هو ته پوليس آپريشن دوران ڌاڙيلن پاران پوليس پارٽي مٿان 20 کان 25 راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا جن ۾ پوليس اهلڪارن شهادتون حاصل ڪيون، رونتي سانحي بعد آء جي سنڌ به گهوٽڪي پهچي رهيو آھي ان سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي آپريشن کي اڳتي وڌايو ويندو، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ جي عوام جي حفاظت جي لاء سنڌ پوليس جي جوانن جي شهادتن جون به وڏيون قربانيون آھن، ڊي ايس پي ٻن ايس ايڇ اوز سميت پنج اهلڪارن شهادت جو جام پي پنهنجو پاڻ ملهايو آھي، هاڻ ڏوهاري عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ڌاڙيلن خلاف نئي حڪمت عملي سان آپريشن ڪري امن جي دشمنن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سکر ڪشمور، شڪارپور سميت مختلف ضلعن مان پوليس جي وڏي نفري کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ رينجرز به ڪچي ۾ آپريشن لاء تيار آهي تمام جلد رونتي جي ڪچي سميت سموري علائقي کي ڏوهاري عنصرن کان پاڪ ڪيو ويندو هن ساڃاه وندن سميت هر طبقي جي ماڻهن کي پوليس سان سهڪار ڪرڻ جي پڻ اپيل ڪئي آھي،
