ڏوڪري(ن س)موهن جو دڙو ڀرسان برک تعليم ماهر اڳوڻي هيڊماستر ۽ هاڻوڪي تعليم کاتي جي ضلعي آفيسر نظير حسين سانگهرو جي اعزاز ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي کيس ڀرپور نموني ڀيٽا پيش ڪئي وئي محبتن جا گل نڇاور ڪيا ويا ان ڏس ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ٻلهڙيجي ۾ اڳوڻي هيڊ ماستر ۽ ھاڻوڪي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري لاڙڪاڻو نظير حسين سانگهرو جي مان ۾ اسڪول مان وڃڻ تي الوداعي تقريب ٿي گذري. جنهن ۾ مختلف تعليمي ماهرن، تعليمي آفيسرن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪري کيس خراجِ تحسين پيش ڪيو.ان موقعي تي آيل مهمانن کي سنڌي اجرڪ، ٽوپي ۽ گلن جا هار پارايا ويا.تقريب ۾ اسڪول جي استادن، شاگردن پنهنجي محسن استاد ۽ هيڊ ماستر کي تقريرن ۾ خوب ڀيٽائون پيش ڪيون.اسڪول جي ذھين ٻارڙن تقريون ۽ خاڪا پيش ڪري آيل مهمانن کان خوب داد حاصل ڪيو.پروگرام جي صدارت تعليمي ماهر ۽ سينيئر هيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول گجڻ پور قاضي جميل احمد جوڻيجو ڪئي. اعزازي مهمانن ۾ هيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽاٽڙي وزير علي منگي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول مهين جو دڙو جو نامور استاد قمرالدين جت،مهين جو دڙو پريس ڪلب جو صدر ۽ سينيئر صحافي عبدالحق پيرزادو،تعليم کاتي لاڙڪاڻي جو مانيٽرنگ آفيسر عمران علي ميراڻي، مانيٽرنگ اسسٽنٽ رياض حسين عباسي، برک صحافي ليکڪ اسد ٻگهيو، پ ٽ الف اڳواڻ اظھار علي ٻگهيو، شفيق احمد هيسباڻي ۽ نوجوان سياسي ۽ سماجي اڳواڻ فراز پيرزادو شامل هئا. انکان علاوه آيل مهمان ۾ مهين جو دڙو پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري ۽ جاکوڙي صحافي غلام مصطفيٰ جهتيال، ۽ صحافي اطهر علي ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي سياسي سماجي شخصيتن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي آجياڻو اسڪول جي هيڊ ماستر ۽ ليکڪ قاضي آفتاب احمد پيش ڪيو تقريب ۾ مقررين ڳالهائيندي چيو ته نظير حسين سانگهرو هڪ مثالي استاد، مُدبر رهنما ۽ قابل منتظم آھي. جنهن هميشه ڪرسيءَ بجاءِ قلم سان پيار ڪيو آھي. تعليم جي شعبي ۾ سندس خدمتون ڪڏهن به نٿيون وساري سگهجن. تقريب جي مهمانِ خاص نظير حسين سانگهرو پنهنجي ساٿي استادن جي طرفان ڏنل محبتن، مان ۽ مڃتا جا ٿورا مڃيندي خطاب دوران پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيو.ان وڌيڪ چيو ته مان هميشه پڙھائڻ سان عشق ڪيو آھي اهيو ئي سبب آھي جو انتظامي عهدن تي هجڻ جي باوجود مان چاڪ کڻي ڪلاسن ۾ پڙهائڻ کي ترجيح ڏني آھي.“ پروگرام جي ڪمپيئرنگ نامور ليکڪ، ڪالم نويس، شاعر ۽ اديب گدا حسين بخاري ڪئي.آخر ۾ آيل مهمانن کي مانجهاندو پڻ ڪرايو ويو. ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر قاضي آفتاب احمد جوڻيجو، جاويد حسين پيرزادو، غلام مصطفيٰ جوڻيجو، فياض حسين خاصخيلي، اختيار احمد پيرزادو، خادم حسين سوهو، ڪلارڪ عامر علي جسڪاڻي، ليب اسسٽنٽ ماجد علي چنو خطاب ڪيو جڏهن ته رضا محمد پيرزادو ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته شاگردن معين احمد چنو، ناديه سومرو، مصباح پيرزادو، عريشا پيرزادو، نشاط پيرزادو، آمنه چھواڻ، هور پري پيرزادو، اقصيٰ سومرو، تانيه گل انصاري، ڪوثر گل انصاري ۽ ٻين تقريرون ڪيون خاڪا ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا
