ڏکڻ آفريقا کي اپ سيٽ شڪست، پاڪستان بنگلاديش کي هارائي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ايڊيليڊ (م ڊ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي آخري رائونڊ ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي. ايڊيليڊ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش جي نجم الحسين شنتو 54 رنسن جي اننگز کيڏي، عفيف حسين 24، سوميا سرڪار 20، لٽن داس 10 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون ورتيون، شاداب خان 2، حارث رئوف ۽ افتخار احمد هڪ – هڪ شڪار ڪيو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم 128 رنسن جو هدف 18.1 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي مڪمل ڪري سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. گرين شرٽس طرفان محمد رضوان 32، محمد حارث 31، ڪپتان بابر اعظم 25، محمد نواز 4 ۽ افتخار احمد هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته شان مسعود 24 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. واضح رهي ته ان کان اڳ ٿيل ميچ ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم ڏکڻ آفريقا کي 13 رنسن تان اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچ ممڪن ٿي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں