دادو (ڊ ر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي چيئرمين سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو ۽ ٻين دادو پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهينو اڳ ميهڙ مان منهنجي ڪار چوري ڪئي وئي آهي، پهريان دادو ۾ ايس ايس پي عرفان سمون مقرر هيو جنهن جي مقرري دوران منهنجي گاڏي چوري ڪئي وئي هاڻ وري نئون ايس ايس پي مقرر ٿيو آهي جيڪو پڻ رڳو خيالي ڳالهيون ڪري رھيو آهي ، دادو ايس ايس پي عبدالخالق پيرزادو ڊي آء جي حيدرآباد کان به وڌيڪ طاقت رکي ٿو جنهن جي چوڻ کي 15ڏينهن گذري ويا آهن پر هن مهل تائين منهنجي ڪار جو پتو پئجي نه سگهيو آهي،جنهن ڪري آء هن بيماري واري حالت ۾ دادو پريس ڪلب پهچي دانهي رهي آهيان، ھن اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ خميس تي دادو ايس ايس پي آفيس وڃي سندس آفيس کي تالا هڻندس پوء ڀلي مون کي گرفتار يا ڪيس داخل ڪيو وڃي پر پنهنجي حق خاطر جهدوجد تان ھٿ نه کڻندس، ميهڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي پر ان باوجود به نه ميهڙ پوليس نه وري ايس ايس پي دادو ڪو تحرڪ وٺي ڪار جي ڳولا ڪئي آهي، دادو ۾ امن هڪ خواب بڻجي ويو آهي دادو پوليس امن قائم ڪرڻ ناڪام وئي آهي هر روز دادو ضلعي اندر بدامني جا واقعا پيش اچن پيا،سنڌ حڪومت ۽ دادو پوليس مان دادو ضلعي جي عوام مايوس آهي،هي وقت جهدوجد ڪرڻ جو آهي،سنڌو نواز گانگهرو ۽ ٻين آء جي سنڌ ۽ ٻين وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور دادو ضلعي جي امن امان جي صورتحال بهتر بنائي چوري ٿيل ڪار واپس ڪرايو وڃي،ٻي صورت ۾ پوري سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي .
