ڪنري (ن س) ڪنري ۾ جسقم پاران سنڌي نوجوانن جي قتل، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نه پڙھائڻ، منشيات جي وڪري ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف پياڌل مارچ، مظاھرو، ڌرڻو. ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. خبر موجب ڪنري ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ بيگناھ قتل ڪيل ايمن جاويد ۽ محمد اسحاق جي قتل، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، منشيات جي وڪري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙھائڻ خلاف جسقم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن محمد رمضان خاصخيلي، گل احمد، ادريس ڀٽي، عظيم سنڌي، ھيرا لال ڏيباڻي، صالم سنڌي، نادر سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ کان الله واري چوڪ تائين پيدل مارچ ڪيو ويو ۽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران هٿن ۾ قومي جھنڊا ۽ پينافليڪس کڻي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاھري جي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ٻاھريان آيل ڌاريا سنڌي ماڻھن تي قابض بڻجي بيگناھ سنڌي ماڻھن کي قتل ڪري رھيا آھن. سنڌ جي خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي نٿي پڙھائي وڃي. تعليم کاتو صرف سوشل ميڊيا تائين محدود آھي، تعليمي ادارن جا حالات خراب آھن. سنڌ جي مستقبل سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي. ھنن چيو ته سنڌ سميت عمرڪوٽ ضلعو منشيات فروشن جو ڳڙھ بڻيل آھي، پوليس ۽ سياسي بااثرن جي آشيرواڌ سان وک وک تي منشيارت جا اڏا قائم ٿيل آھن. ڪنري ۾ اسڪولي شاگرد ۽ شاگردياڻيون منشيات واپرائن پيون، پوليس منٿلي تي ايمان وڪرو ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري قبول ناهي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته مڇر ڪالوني واقعي جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙھائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري سنڌ ٻولي کي ترجيع ڏيڻ سان گڏ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ بک ھڙتال ڪئمپ قائم ڪري احتجاج جي دائري کي وسيع ڪيو ويندو.
