آءٌ هڪ نياڻي پنجن سالن کان انصاف لاءِ دربدر آهيان:ام رباب چانڊيو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي ۾ جيل ڀوڳيندڙ جوابدارن سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو طرفان ضمانت لاءِ داخل ڪرايل درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس امجد علي سهتو جي عدالت ۾ ٿي جتي ميهڙ واقعي جي متاثر ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور سميت ۽ جوابدار ڌر جا وڪيل پيش ٿيا جنهن تي عدالت دادو جي ٽرائل ڪورٽ کي حڪم ڏنو ته ڪيس جي روزاني بنياد تي ٻڌڻي ڪري 28 نومبر تي پراگريس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدارن سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو طرفان عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون آهن جنهن ڪري ڪيس ۾ دير ٿي رهي آهي افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته آءٌ هڪ نياڻي پنجن سالن کان انصاف لاءِ دربدر آهيان ۽ منهنجو هي ڪيس سنڌ جي مظلومن جو ڪيس آهي. هن چيو ته گذريل ٻڌڻي تي دادو جي ٽرائل ڪورٽ ۾ جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو پر جوابدار جي وڪيل جي غير موجودگي ۾ انهن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني جنهن ڪري جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو اڄ ھاءِ ڪورٽ ٻڌڻي دوران دادو جي ٽرائل ڪورٽ کي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪرڻ ۽ 28 نومبر تي پراگريس رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته آءُ پر اميد آهيان ڇاڪاڻ عدالتن ۾ انصاف آهي جنهن ڪري هن ڪيس ۾ پراگريس ٿي آهي جيڪي جاگيردار پنهنجي عدالت لڳائيندا هئا اڄ انهن کي سزا ته ملي آهي پر هو پنهنجي جان به ڇڏائي نه سگهيا آهن. هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جاگيردارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ اسين جاگيردارن کي ڦاهي جي ڦندي تائين پهچنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں