آءِ جي سنڌ گهوٽڪي پهتو،شهيد اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت

گهوٽڪي/ ميرپور ماٿيلو(نمائندن وٽان)رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾   شهيد ٿي ويل ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو عبدالمالڪ ڪمانگر ايس ايڇ او کينجھو دين محمد لغاري پوليس اھلڪار جتوئي پتافي پوليس اھلڪار سليم چاچڙ جي وارثن سان تعزيت جي سلسلي ۾  آء جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ گزريل ڏينھن صبح جو گھوٽڪي ضلعي ۾ پھچڻ بعد  پوليس اھلڪار جتوئي پتافي جي وارثن وٽ واڳڻي پھتو ۽ پوليس اھلڪار جتوئي پتافي جي وارثن سان تعزيت ڪندي شھيدن جي درجات جي بلندي لاءِ دعا گهري جنھن بعد آء جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو جي آفيس ۾ آفيسرن ۽ گھوٽڪي ضلعي جي معزز شخصيتن سان ملاقاتون ڪري ھڪ اھم گڏجاڻي جي صدارت پڻ  ڪئي ان موقعي تي آء جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪري ٿي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس کي موثر بڻائي ڏوھارين جو خاتمو آڻينداسين شھيدن جو خون رائيگان نه ويندو شھيدن جو خاندان اسان جو خاندان آھي ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گھوٽڪي ضلعي جي پوليس ڏوھارين سان وڙھڻ جي مھارت رکي ٿي يقين آهي ته جلد شھيدن جا قاتل گرفتار ٿيندا اسان جي ڪوشش آھي ته پوليس کي وڌيڪ سھولتون فراھم ڪيون جيئن ڪارڪردگي وڌيڪ بھتر ٿي سگھي ڏوھارين خلاف آپريشن بند ناھي ٿيو آپريشن کي حڪمت عملي سان تيز ڪيو ويندو جيئن پوليس جو نقصان نه ٿئي يا  گھٽ ٿيئي آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته شھيد زندھ آھن شھيدن جو خون رائيگان نه ويندو جلد ھي ڏوھارين جا ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين ھن جو چوڻ هو ته امن و امان جي صورتحال بهتر آهي وڌيڪ بھتر بنائڻ لاءِ پوليس آپريشن جاري رکيو ويندو ۽ جلد کان جلد گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي وارن علائقن کي امن و امان جو گھوارو بنايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں