توهان سان جيڪو ٿيو اهو ڏاڍو دردناڪ آهي: چيف جسٽس جو اعظم سواتي سان مڪالمو

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان اعظم سواتي سان مڪالمو ڪيو ته توهان سان جيڪو ٿيو اهو ڏاڍو دردناڪ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان دوران پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي به عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس اعظم سواتي سان مڪالمو ڪيو ته توهان سان جيڪو ٿيو اهو ڏاڍو دردناڪ آهي، توهان جو ڪيس ايڇ آر سيل ۾ آهي، عدالت ان معاملي ۾ محتاط آهي، ڪيس کي قانون موجب ڏسنداسين. چيف جسٽس چيو ته توهان ڪڏهن سپريم ڪورٽ جي ريسٽ هائوس ۾ نه ترسيا، جنهن تي اعظم سواتي چيو ته جي توهان ٺيڪ چئي رهيا آهيو، مان ڪوئيٽا فيڊرل لاج ۾ ترسيو هيس. اعظم سواتي سوال ڪيو ته ڇا مان مبينا وڊيو توهان ججن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڏيکاري سگهان ٿو؟ جنهن تي چيف جسٽس چيو پيمرا ۽ پي ٽي اي کي مبينا وڊيو هٽائڻ جو حڪم ٿا ڏيون، ان تي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ٿي سگهي ٿو جيڪا وڊيو هٽائي وڃي، اها مون کي موڪليل وڊيو نه هجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں