نيويارڪ (خاص عيوضي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي چونڊن ۾ صدارت لاءِ اميدوار بڻيل محي الدين ميمڻ مورائي پاڻ سان گڏ پورو پئنل ميدان ۾ لاٿو آهي. روزاني “سنڌ” سان ڳالهائيندي پنهنجو ۽ پئنل جو منشور ٻڌائيندي هن چيو آهي ته سڀ کان پهريان سانا جي ويب سائيٽ مڪمل طور جوڙي ويندي، جنهن ۾ سانا جي ميمبرن بابت سموري معلومات هوندي، ميمبرن جي ڪاروبار ۽ نوڪرين بابت معلومات شامل هوندي. نوجوانن جي لاءِ الڳ سيڪشن پڻ هوندو، جنهن ۾ کين ڪاروبار ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ معلومات جي مٽاسٽا ڪرڻ وارا فيچر به شامل هوندا. هن چيو ته نارٿ آمريڪا ۾ آباد سنڌي ڪميونٽي ۾ ڪميونيڪيشن وڌائڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويندا. مورائي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪم کي وڌائڻ لاءِ الڳ الڳ سان ڪاميٽيون جوڙيون وينديون، جنهن ۾ سنڌ لاءِ رليف ڪاميٽي، آباد ماڻهن لاءِ ٽريڊ ۽ ڊولپمينٽ ڪاميٽي، شاگردن لاءِ سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪاميٽي، نون ايندڙن لاءِ اميگريشن، ڪاروبار ڏيارڻ لاءِ ڪاميٽي، نارٿ آمريڪا کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڙهائي ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ واسطي ڪاميٽي، خاص ڪري ميڊيڪل ۾ پڙهندڙن لاءِ ڪاميٽي، شاگردن ۽ نوجوانن کي مختلف ملڪن سان ايڪسچينجز پروگرام بابت ڪاميٽي، سنڌ ۾ ايندڙ وقت ٻوڏ ۽ ٻين درپيش مسئلن لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪيو ويندو. سانا جي دائري کي وڌائڻ لاءِ ميمبرشپ کي وڌايو ويندو. سمورن رهندڙ ماڻهن کي پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويندو. محي الدين ميمڻ مورائي “سنڌ” سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سانا هڪ جمهوري ادارو آهي، جتي چونڊن رستي قيادت اچي ڪم ڪندي آهي. هن چيو ته منهنجي پئنل ۾ شامل سمورا دوست خدمت ڪرڻ جو جذبو رکن ٿا، جيڪي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ آهن ۽ اسان عورتن جي برابري جا قائل آهيون، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي پئنل ۾ ڪيتريون ئي عورتون شامل آهن. هن چيو ته پئنل ۾ جنرل سيڪريٽري جهڙي اهم پوسٽ تي اسان جي اميدوار هڪ عورت ڊاڪٽر ارم قلباڻي آهي، جيڪا هڪ اعليٰ ڪردار جي مالڪ آهي. ان سان گڏ اسان جي ٽيم ۾ نوجوان به شامل آهن. هڪ متوازن پئنل آهي ۽ اسان ٽيم ورڪ ذريعي ڪم ڪنداسين ۽ ذميواريون ورهائي ڪم ڪنداسين. محي الدين ميمڻ مورائي وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ميڊيا جي اهميت کي به سمجهون ٿا، سوشل ميڊيا ذريعي سانا جي پروگرام کي به ڦهلائينداسين، ان سان گڏ سنڌ ۾ جيڪي اسان جا دوست ميڊيا سان تعلق رکن ٿا، انهن جي مدد حاصل ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي تي اسان کي وڏو افسوس آهي. ان سلسلي ۾ اسان مستقل طور هڪ ڪاميٽي ٺاهي هڪ فنڊ قائم ڪنداسين، جيئن اڳتي هلي جيڪا صورتحال پيدا ٿئي ته سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پئنل جا ماڻهو منشور کي هر ميمبر تائين پهچائڻ جو ڪم ڪن ٿا. هن اهو پڻ چيو ته ڊجيٽل سسٽم هجڻ ڪري 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ميمبر پنهنجو ووٽ ڏئي سگهندا ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته سمورا ميمبر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪن ۽ بهتر قيادت چونڊين.
نيويارڪ: سانا جي چونڊن ۾ صدارت لاءِ اميدوار بڻيل محي الدين ميمڻ مورائي روزاني “سنڌ” سان ڳالهائيندي وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي پئنل ۾ مان صدر جو اميدوار آهيان، جڏهن ته نائب صدر (آمريڪا) لاءِ اشفاق سيهڙ، نائب صدر ڪئناڊا لاءِ راهول ڀماني، نائب صدر (يوٿ لاءِ) فزا شيخ، جنرل سيڪريٽري لاءِ ڊاڪٽر ارم قلباڻي، انفارميشن سيڪريٽري لاءِ افتخار ميمڻ ۽ خزانچي لاءِ سنويا ٻگهيو اميدوار آهي. اسان جي پئنل جا مڙني عهدن تي ٽوٽل 8 اميدوار بيٺل آهن. هن سڀني ميمبرن کي اپيل ڪئي ته سندس سموري پئنل کي ڪامياب ڪيو وڃي.
نيويارڪ: سانا جي چونڊن ۾ آن لائين ووٽ ڏيڻ جو عمل اڄ 8 نومبر کان شروع ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪاميٽي پاران سانا ميمبرن کي ميل ذريعي بيلٽ پيپر اڄ موڪليا ويندا .ميمبر 15 ڊسمبر تائين پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا. اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين قاضي ارشاد موجب اليڪشن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد 20 ڊسمبر تي رزلٽ جي پڌرائي ڪئي ويندي . چونڊن ۾ 2 پينل مقابلي ۾ آهن. جڏهن ته صدر ۽ نائب صدر جي عهدي تي ٽي ٽي اميدوار آهن.