شڪارپور(رپورٽ:عمران قريشي) آر او پلانٽ جي ملازمن پاران يارنهن مهينن کان بند پيل پگهارون نه ملڻ خلاف محمد اسحاق بروهي ۔طارق احمد مهر اويس احمد مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٺيڪيدار پاران گذريل يارنهن مهينن کان بلاجواز اسان جون پگهارون بند ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور ۾ قائم آر او پلانٽس ملازمن جون پگهارون بند هجڻ ڪري غير فعال ٿي ويا آهن، جنهن جي ذميواري پبلڪ هيلٿ جي ايڪسيئين ۽ ٺيڪيدار تي عائد ٿئي ٿي ۔ 11 مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب اسان جي گهرن ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال آهن، دڪاندارن اوڌر تي سامان ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج ڪندڙ ملازمن بلاول ڀٽو زرداري ايم اين اي مير عابد خان ڀيو صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اسان جون پگهارون بحال ڪرائي اسان کي فاقا ڪشي کان بچايو وڃي ۔ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ جي صورت ۾ پريس ڪلب آڏو پاڻ ساڙڻ جو چتاء ڏيئي ڇڏيو آهي
