اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس وزيرآباد جي سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ڪيس قتل جي قدمن، دهشتگردي سوڌو ٻين قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ موقعي تان گرفتار جوابدار نويد کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر کي اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. پوليس ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ ايف آءِ آر کي عام ڪيو ويندو. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي عمران خان تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. عمران خان خلاف توهينِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان تي حملي جو ڪيس اڃا تائين داخل ناهي ٿي سگهيو. سپريم ڪورٽ آءِ جي پنجاب ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي طلب ڪيو جڏهن ته عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جمعي واري ڏينهن ڏاڍو افسوس جوڳو واقعو پيش آيو، ڇا واقعي جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي؟ سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بابت گهڻو نٿو ڄاڻان، ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، شايد اڃا تائين داخل ناهي ٿي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ايف آءِ آر نه ٿيڻ جو مطلب هنيئر تائين پوليس جاچ شروع ناهي ڪئي، پوليس جاچ ناهي ڪئي ته ممڪن آهي واقعي واري هنڌ تان ثبوت ختم ڪيا ويا هجن، اهڙي نموني ڪيس جا ثبوت تڪراري ۽ پوءِ عدالت قبول نه ڪرڻ جوڳا هوندا. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته عمران خان قومي ليڊر آهي، مٿس حملو ٿيو آهي، 24 ڪلاڪن اندر ڪيس داخل ڪيو وڃي نه ته پاڻمرادو نوٽيس وٺنداسين. عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڪرمنل جسٽس سسٽم تحت پوليس پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪري سگهي ٿي، 90 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃا تائين ايف آءِ آر ئي داخل نه ٿي آهي، چيف جسٽس لاهور رجسٽري مان وڊيو لنڪ تي موجود آءِ جي پنجاب کان پڇيو ته ايف آءِ آر اڃا ڇو داخل نه ٿي آهي؟ ان تي آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ايف آءِ آر دخل ڪرڻ کان روڪيو آهي. چيف جسٽس آءِ جي پنجاب سان مڪالمو ڪندي چيو ته ڪيس داخل نه ڪرڻ جو جوڳو سبب هئڻ گهرجي، اسان توهان جي ڪم ۾ مداخلت بابت انٽرنيٽ تي رکيل توهان جو خط پڙهيو آهي، توهان قانون موجب ڪم ڪيو عدالت توهان سان گڏ آهي. جسٽس عمر عطا بنديال اوهان جي عالمي سطح تي ڪاميابين جو ٻڌو آهي، اوهان ايف آءِ آر داخل ڪري اسان کي آگاهه ڪيو، اوهان پنهنجو ڪم جاري رکو، جيڪڏهن ڪنهن رنڊڪ وڌي ته اسان مداخلت ڪنداسين.
