لاڙڪاڻو(رپورٽ:اڪبر آزاد ھيسباڻي) آءِ جي پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ گهرو کاتي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي چيئرپرسن ايم پي اي فريال ٽالپر شهر جي لاهوري محلا پهچي شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي وارثن سان تعزيت ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي شهيد جي وارثن فريال ٽالپر کان مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي کي شهيد جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي جنهن تي فريال ٽالپر کين شهيد جي نالي سان ٿاڻي جي قيام ۽ کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته واقعي بعد منهنجي جوانن سان ملاقات ٿي آهي سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته اسان جي جوانن جا حوصلا بلند آهن جن کي پنهنجي ساٿين جي شهادت تي ڏک پهتو آهي پر مون کي خوشي ٿي ته اهي به چاهين ٿا ته امن امان جي صورتحال بھتر ٿئي. هن چيو ته سنڌ پوليس اڳ به محنت ڪئي ۽ هاڻي به محنت ڪري رهي آهي ۽ ڪوشش هوندي ته هن واقعي جو ڀرپور جواب ڏنو وڃي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث سنڌ حڪومت 9 ڌاڙيلن جي سرن جي قيمت رکي آهي ۽ تمام جلد اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته انهن ڌاڙيلن جي ٿاڪن جي نشاندهي ڪري ڀرپور آپريشن ڪيون. هن چيو ته ڌاڙيل پوليس کي ڊڪٽيٽ ڪندا آهن پر اسان اڳ به ڊڊڪٽيشن نه ورتي ۽ نه آئنده وٺنداسين ان سان عوام پريشان ٿيندو آهي، پوليس جي ڊيوٽي اهڙي آهي جو وڙهندي نقصان ٿي ويندو آهي جنهن ۾ اڳ پوليس بہ ڌاڙيلن کي وڏو نقصان پهچايو آهي، پوليس اهڙن ڌاڙيلن کي به ختم ڪيو جيڪي دهشتگرد بڻيل هئا. هن چيو ته وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي ڳالهه ڪجي ته گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ هاڻي پوليس وٽ جديد هٿيار ۽ بهتر معيار جون اي پي سيز آهن ۽ سنڌ حڪومت سي ٽي ڊي کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ سوا 3 ارب روپيا ڏنا آهن ان سان نه صرف سي ٽي ڊي پر پوليس جي به ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ جوابدارن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف انٽيليجنس بيس آپريشن ڪيون ان لاءِ ٻن ڏينهن دوران ڪافي اڳڀرائي به ٿي آهي ۽ واقعي جو ڪيس به داخل ٿي چڪو آهي. اڄ مون گهوٽڪي پوليس جو مورال ڏٺو ان سان اسان انهن جوابدارن تائين ضرور پهچنداسين. هن چيو ته گهوٽڪي ضلعي جو بارڊر سان سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب صوبي جا بارڊر لڳندا آهن تنهن ڪري اڄ اسان جي سکر ۾ ٿيل اجلاس ۾ آر پي او بهاولپور ۽ ايس ايس پي رحيم يار خان به آيل هئا تنهن ڪري اسان جو هڪٻئي سان بهتر سهڪار آهي. هن چيو ته اسان ان ڪوشش ۾ آهيون ته بهتر کان بهتر هٿيار خريد ڪيون ان لاءِ جيڪڏهن پوليس وٽ بهتر ٽيڪنالاجي ۽ بهتر هٿيار هوندا ته پوليس بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي. هن چيو ته ڪالهه وڏي وزير سکر ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي هن اسان کي خاطري ڪرائي آهي ته قانون تحت بهتر کان بهتر اوزار پوليس کي ڏينداسين. هن چيو ته اڄ کان 15 سال ڪانواءِ وارو نظام هو پر ان دوران به پوليس آپريشن ڪيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي پر هاڻي ڪجهه ضلعا ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي ۽ ڪٿي ڪجهه مسئلا آهن پر پڪ آهي ته پوليس ۾ اها اهليت اچي چڪي آهي ۽ پوليس بهتر ڪم ڪندي اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو ۽ عوام جي سهڪار سان پوليس بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندي.
