قبوسعيدخان(ن س) پاڪستان بجيراڻي اتحاد ۽ عوامي اتحاد طرفان اسسٽنٽ ڪمشنر زين العابدين مگسي خلاف گوادر موٽروي بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب شهدادڪوٽ ،قبوسعيدخان ،ڪچي پل ،خضدار روڊ ٻن ڪلاڪن تي ٽريفڪ معطل رهي جنهن سبب مسافرن سخت پريشاني کي منهن ڏنو۔ ان موقعي تي اڳواڻن امان الله مگسي ،نصيب الله مگسي، سيف الله مگسي ، آصف علي مگسي، خالد حسين مگسي ،جمعدار محمد عرس مگسي، ممتاز علي کوسو، رئيس اڪبر خان چانڊيو ،ظفرالله خان مگسي، نادر حيات مگسي ، محمد رفيق مگسي، عبدالحڪيم مگسي، خميسو خان مگسي، صدام مگسي، حاجي منير کوسو، نادر ابڙو ۽ ٻين چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر قبوسعيدخان زين العابدين مگسي وڏيرن جو وانگاري آھي هو مستحق ٻوڏ متاثرن بدران وڏيرن کي رات جي اوندهي ۾ راشن ۽ ٽينٽ ڏئي رهيو آھي جيڪو متاثرن سان ظلم آھي اسسٽنٽ ڪمشنر زين العابدين مگسي ڪنهن متاثر کي راشن ڏيڻ ته پنهنجي جاء تي هو ڪنهن به متاثر توڙي قبوسعيدخان واسين سان ملڻ لاء به تيار ناهي۔ مظاهرين چيو ته نااهل اسسٽنٽ ڪمشنر زين العابدين مگسي کي نه هٽايو ويو ته خميس جي ڏينهن تي شھدادڪوٽ جي مشهور ڪاروباري مرڪز ڪوٽو موٽو چؤڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو ۔
