لاڙڪاڻي ۾ برسات متاثر عورتن جو واهر نه ٿيڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي رسول آباد ۽ حسيني محلا جي رھواسي برسات متاثر عورتن واهر نه ٿيڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا نه ملڻ خلاف ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن پنهنجا قومي شناختي ڪارڊ ۽ درخواستون هٿن ۾ کڻي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي عورتن ذليخان، فاطمه، حسينه، سميره ۽ ٻين دانهيو ته اڍائي مهينا اڳ پيل طوفاني برساتن سبب اسان جون جڳهون ڊهي پٽ پئجي ويون ۽ اسين پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون جتي احتجاج ڪندڙ ڪجهه عورتن جي گهر جو سمورو سامان ضايع ٿي ويو هن وقت به ڪيترن ئي عورتن جي گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪمزور ٿي ويون آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڪرڻ جو خدشو آهي. هنن چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي  يونين ڪاميٽي هڪ جي وارڊ 3 ۽ يوسي 10 جي وارڊ 2 جي چيئرمينن توڙي ڪائونسلرن متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان هڙپ ڪري اسان کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو جنهن ڪري اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو. هنن چيو ته برساتن کان پوءِ اسان کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ناهن مليا جڏهن ته برسات سبب اسان جا مرد ۽ نوجوان بيروزگار ٿي ويا آهن جنهن ڪري اسين ٻارن سان گڏجي بکون ڪاٽي رهيا آهيون. هنن پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ سامان ڏيڻ سان گڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ڏياري نوان گهر تعمير ڪرائي واهر ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں