ميرپورماٿيلو ۾ نوجوان اتحاد پاران شهيد اهلڪارن جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش

ميرپور ماٿيلو:رائونتي جي ڪچي ۾ ڏوهارين سان آپريشن دوران راڪيٽ لانچر لڳڻ سبب شهيد ٿي ويل 5 پوليس اهلڪارن جي ميرپور نوجوان اتحاد پاران ڏيئا ٻاري تصويرن مٿان گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن اياز کهاوڙ وقار بوزدار جنيد جلباڻي علي حسن چڍڙ جاويد لاشاري صدام جلباڻي سعيد بوزدار گل ملڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد قومن جو سرمايو ٿيندا آهن شهيد عبدالمالڪ ڀٽو، شهيد دين محمد لغاري، شهيد عبدالمالڪ ڪمانگر،شهيد جتوئي پتافي ۽ شهيد سليم چاچڙ ڏوهارين سان وڙهندي شهادت ماڻي آهي اهڙي جوڌن تي سنڌ ناز ڪندي آهي ۽ اسان به هر موڙ تي سنڌ پوليس سان گڏ آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں