مٽياري ۾ پي ٽي آءِ جا گرفتار اڳواڻ عدالت ۾ پيش

مٽياري(ڊ ر)مٽياري سعيدآباد مارک واھ کولڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ تان مخدوم فضل حسين ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ واري معامرو,مٽياري ۾ پي ٽي آئي جي گرفتار اڳواڻن مخدوم فضل حسين ، مخدوم عمار ۽ مخدوم محسن سميت 20 ڄڻن کي مٽياري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس جي ڳري نفري پي ٽي آئي اڳواڻن کي ڪورٽ ۾پيش ڪيو.ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ مخدوم فضل حسين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کان سياسي انتقام وٺڻ لاءِ اسان مٿان ڪوڙا بي بنياد ڪيس ڪيا ويا آھن ھن چيو ته  جيل ۽ ٿاڻا اسان کي عمران خان جي نظريي کان روڪي نٿا سگهن. مخدوم فضل حسين چيو ته ڪجھ به آھي اسان کان مٽياري ضلعي جي انتظاميا پ پ جي ڪجھ طاقتور ڌرين جي چوڻ تي ڪوڙا ڪيس ڪرايا ويا آھن ھن چيو ته اسان جا حوصلا بلند آھن ڪورٽ مان ضمانت ملڻ کان پوءِ ورڪرن سميت خان صاحب جي آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿينداسين ,ٻئي پاسي ڪورٽ سڳوري وڪيلن جا دليل ٻڌندي سڀني کي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں