نوابشاهه ۾ ڇوٽڪو ۽ ڄام لغاري شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) ڇوٽڪو ۽ ڄام لغاري شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف ناصر حسين پٺاڻ، عبدالجبار کوسو، حاجي علي شير بروھي، محمد علي بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ايريگيشن عملو پنھنجي من پسند منڍ جي آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي ڏئي رھيو آھي جنھن جي ڪري اسان پڇڙي جي آبادگارن جي زمين ۾ پوکيل فصل تباھه ٿي رھيو آھي، ھنن چيو ته برسات جي پاڻي ۾ اسان فصل پوکيو جڏهن ته ھن وقت برسات جو پاڻي ختم ٿي ويو آھي ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري اسان جو پوکيل فصل تباھه ٿي رھيو آھي، ھنن چيو ته ايريگيشن کاتي جو انجنيئر رشوت عيوض پنھنجي من پسند ماڻهن کي پاڻي ڏئي ٿو، جڏهن ته اسان پڇڙي جي آبادگارن جو فصل تباھه ٿي رھيو آھي، ھنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ايريگيشن عملي وٽ دانھيون آھي ليڪن اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏئي اسان جو پوکيل فصل بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں