نوابشاهه ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌ حڪومت پاران ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جو ڪورونا رسڪ الائونس بند ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ گرينڊ ھيلٿ الائنس پاران مظهر علي عباسي، اسلم قريشي، خادم حسين ٻگھيو، سرور آريجو، ساوڻ سنڌي، ميڊم ظھيران، ميڊم ممتاز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم ايس آفيس کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت پاران اسان ڊاڪٽرن جو رسڪ الائونس بند ڪري اسان سان ظلم ڪيو آھي، ھنن چيو ته اسان کي ايڪيھه ڏينھن ٿي ويا آھن احتجاجن طور او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو آھي ليڪن سنڌ حڪومت کي ڪو به اثر نٿو پوي، ھنن چيو ته ڪورونا سميت ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون آھن ۽ اسان رسڪ کڻي انھن جو علاج ڪيون ٿا جڏھن ته اسان جا ڪيترائي ڊاڪٽر پنھنجون جانيون به وڃائي چڪا آھن ليڪن سنڌ حڪومت ھڪ ليٽر ذريعي اسان جو رسڪ الائونس بند ڪري اسان سان ناانصافي ڪئي آھي، ھنن چيو ته ھن مھنگائي جي دور ۾ اسان ڪجھه ھزارن تي ڏورانهن علائقن ۾ پنھنجون زندگيون داءُ تي لڳائي مريضن جون زندگيون بچايون ٿا ليڪن سنڌ حڪومت کي اسان جو ڪوبه خيال ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جو ھيلٿ رسڪ الائونس مستقل بحال ڪيو وڃي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو سروس اسٽيڪچر بحال ڪيو وڃي، سپورٽنگ اسٽاف جو ٽائيم اسڪيل بحال ڪيو وڃي ڊيپوٽييشن پاليسي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رھندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں