لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حقيقي آزادي لانگ مارچ سڀاڻي نه ٻئي ڏينهن خميس کان شروع ٿيندو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان سان صحافين جي وفد ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته لانگ مارچ جي شيڊول ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، لانگ مارچ سڀاڻي بدران ٻئي ڏينهن خميس کان شروع ٿيندو. هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندس، قوم هاڻي تيار آهي، چونڊن جي تاريخ وٺي ئي واپس موٽندس، منهنجو لانگ مارچ هر صورت ۾ منزل ماڻيندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته سرحدن تي بيٺل فوجي منهنجي ٻارن جيان آهن، آرمي چيف جي مقرري منهنجو مسئلو ناهي، پاڪ فوج اسان جي آهي ۽ ان جي خلاف ٿيڻ ممڪن ناهي.
