ڪنب ۾ اغوا ٿيل رٽائرڊ فوجي اهلڪار جي بازيابيءَ لاءِ وارث جو احتجاج

ڪنب(ن س) ڪنب لڳ ڳوٺ غلام محمد بڙدي واسي ريٽائرڊ فوجي اهلڪار مريد عباس بڙدي هڪ مهينو گذرڻ باوجود بازياب ٿي ناهي سگهيو، سندس بازيابي لاءِ مغوي جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي  ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي مغوي جي ڀاءُ مريد حيدر چيو ته هڪ مهينو  اڳ ڀاء مريد عباس بڙدي گھران نڪري ويو جنھن بعد سندس نمبر تان ڌاڙيلن پاران ٻڌايو ويو ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي ۽ سندس بازيابي لاءِ پنجاه لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي هن چيو ته اسان مسڪين  آھيون  محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪيون ٿا ايتري رقم ڪٿان آڻيون هن چيو ته  ڌاڙيلن پاران ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين قتل ڪرڻ جي ڌمڪيون پڻ ڏين پيا. ايس ايس پي خيرپور وٽ به ويا آھيون پر پوء به ڪنب پوليس تحرڪ ناهي ورتو  هنن تڪ جي چونڊيل نمائندن ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مريد عباس بڙدي کان   بازيابي لاء مدد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں