جديد دور جي تحرير “مولوي ۽ لبرل”: علمي مڪالمو

قاضي جاويد سنائي
اڄڪلھ ڏٺو پيو وڃي ته ڪجھ بظاهر پڙهيل طبقو يا نوجوان اسلام يا عالمن سڳورن کان پاسيرو ٿيندو پيو وڃي اهڙا معاملا سوشل ميڊيا يا ڪچهرين ۽ چويارين ۾ ڏٺا، ٻڌا ۽ پڙهيا ويا آهن : جنهن تي رباني عالمن سنجيدگيءَ سان سوچيو ته اسلام ته مڪمل ظابطه حيات آهي هن ۾ مسلمان ته ڇا پر غير مسلم سان نفرت ڪرڻ جو درس به ناهي ڏنو بلڪه قرآن و حديث ته انسانيت کي اهميت ڏني آهي ته پوءِ ڪٿي جهول آهي جو اسلام تي اعتراض يا عالمن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ۽ اسلامي روايتن جي نه صرف ڀڃڪڙي ڪئي ٿي وڃي پر ان تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي جنهنجو سبب عالمن جي ذهن ۾ آيو ته ٻه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون هڪ ته ڪجھ مذهبي ماڻھن جنهن کي جاهل مولوي چئجي انهن دين کي درست نموني پيش ناهي ڪيو بلڪه يا مفادن ۽ لالچن ۾ دين کي پنهنجي يا لالچ ڏيندڙن جي مرضي موجب پيش ڪيو جيڪو يقينن درست اسلام نه هو جنهن تي آڱريون کڄيون نيٺ نتيجو اهو نڪتو ته ماڻھو متنفر ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ سوالن مٿان سوال پيدا ٿيندا ويا خاص ڪري سنڌي ماڻھو اسلام کان پري ٿيندو محسوس ڪيو ويو اهڙي صورتحال کانپوءِ سنڌ جي نوجوان ۽ جاکوڙي ڪردار فاضل نوجوان علامه محمد سالڪ رضا قادري جن رباني عالمن سان صلاح مشورن بعد ان سموري صورتحال کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيو ته جيئن هر ماڻھوءَ تائين حقيقيت پهچي سگهي ايئن علامه محمد سالڪ رضا قادري ڪتاب تحرير ڪيو جنهن جو نالو به حالتن موجب ” مولوي ۽ لبرل “ رکيو هي ڪتاب علمي مڪالمو آهي جنهن جي پڙھڻ سان کوڙ سارا شڪ ، غلط فهميون ، الزام يا ڪوڙ جا پاسا ظاهر ۽ دور ٿين ٿا هي ڪتاب اسلامي مواد وارين تحريرن ۾ بهترين اضافو آهي خاص ڪري اهي ماڻھو ته ضرور پڙهن جن کي اسلام يا عالمن جي روين تي اعتراض آهي هي ڪتاب منهنبجي نظر مان سرسري طور گذريو ابتدائي صفحن تي جڏھن مختلف عالمن جي تقريظ پڙھيم ته ان وقت ئي مونکي محسوس ٿيو ته هي ڪتاب جديد دور جو ناياب تحفو آهي ڇاڪاڻ جو هن ڪتاب جي تقريظ جن ڇهن عالمن سڳورن ڪئي آهي اُهي خود وڏي پائي جا عالم آهن جن جا هزارين چاهيندڙ ۽ پڙهندڙ آهن تقريظ لکندڙن ۾

  1. صاحبزاده پير طريقت تابع شريعت محمد ڪرم الله الاهي نقشبندي قادري المعروف دلبر سائين
  2. حضرت علامه مفتي قربان علي سڪندري
  3. علامه مولانا محمد بلال سعيدي مدني
  4. حضرت علامه مفتي عبيد الله ڏاهري نقشبندي
  5. فخر اسلام حضرت علامه ابوطلحه سنڌي قادري
  6. استاد العلماءحضرت علامه مفتي غلام مجتبيٰ مدني شامل آهن جن جي انتهائي خوبصورت لکڻين ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ڪيو آهي هن ڪتاب ۾ صاحب تحرير علامه محمد سالڪ رضا قادري پنهنجي انتساب ۾ لکيو آهي ته مان هيءُ ڪتاب پنهنجي سهڻي رسول آقا ڪريم صليٰ الله عليه وسلم جن جي بارگاھ ۾ ۽ سندن امت جي رباني عالمن سڳورن سميت پنهنجي والد مرحوم شفيع محمد مهر ، جيجل امڙ ۽ استاد مفتي امجد علي قادري ڏانهن منسوب ڪيان ٿو جن جي ڪوششن ۽ دعائن سان آئون قلم هٿ ۾ کڻڻ جي قابل ٿيس . هن ڪتاب جي شروعات ۾ خالق ڪائنات جل جلاله جي شان ۾ حمد باري تعاليٰ سندس محبوب نبي ڪريم صليٰ الله عليه وسلم جن جي شان ۾ نعت شريف ۽ درود پاڪ پڻ شامل ڪيو ويو آهي جڏھن ته الله ۽ الله جي رسول جي بارگاھ ۾ استغاثه ( فرياد ) پڻ پيش ڪيو آهي بهرحال دل ته چوي ته هي ڪتاب مڪمل لکجي پر ظاهر آهي ته اهو هڪ مضمون ۾ نٿو لکي سگهجي نڪو وري اخبارن ۾ ايترو اسپيس هوندو آهي ان ڪري هن مضمون ۾ ڪتاب جي افاديت تي لکيو آهي جيڪو حاصل ڪري پڙھڻ گهرجي ته جيئن اسين کوڙ سارن شڪن ، وهمن يا بد گماني کان بچي سگهون ۽ اسلام بابت درست ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ، رباني عالمن ۽ جاهلن مولوين ۾ پرک ڪري سگهون : الله واهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں