دادو ۾ سمال انڊسٽريز ملازمن جو پگهارن لاءِ احتجاج

دادو (ڊ ر)سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي ملازمن پاران 12 مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاج ملازمن سرفراز چنه، اعجاز علي، نياز ڪلهوڙو، ساجد حسين، نواب علي ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو. مظاهرين دانھيندي چيو ٿـ  گذريل 12 مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب سندن خاندان ڦاڪاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويو آهي  2016 کان رهيل اپگريڊيشن 10 سالن کان رڪيل پروموشن ڪري ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي جلد پگهارون جاري ڪري ملازمن مان بيچيني دور ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں