سنڌ يونيورسٽي ۾ سينڊيڪيٽ جون چونڊون، صوفي پروگريس الائينس گروپ  ڪامياب

ڄامشورو(رپورٽ:ربڏنو ابڙو) سنڌ يونيورسٽي ۾ سينڊيڪيٽ جي چئن سيٽن  لاءِ چونڊ سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار غلام محمد ڀٽو جي نگراني ۾ سينيٽ هال ۾ ٿي گذري جنهن ۾ صوفي پروگريس الائينس گروپ  اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو. سينڊيڪيٽ جي چئن سيٽن  پروفيسر، ايسوسيئيٽ پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ليڪچرار جي چونڊ ۾ ٻن گروپن صوفي پروگريس الائينس ۽ دي رفارمسٽ اينڊ ٽيچرس ايڪشن فورم وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو جنهن ۾ صوفي پروگريس الائينس جا چار ميمبر اڪثريت راءِ سان  ڪامياب ٿي ويا جنهن ۾ پروفيسر جي سيٽ تي ڊاڪٽر عرفانا ملاح 62 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ۽ پروفيسر محمد حسن اگهيم 25 ووٽ کڻي سگهيو، ايسوسيئيٽ پروفيسر جي سيٽ تي ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو 36 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ حاڪم علي مهيسر 27 ووٽ کڻي سگهيو. اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر اميد علي رند 146 ۽ اياز حيدر مغيري 69 ووٽ کڻي هارائي ويو جڏهن ته ليڪچرار جي سيٽ تي عبدالرحمان ناگراج 97 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ غلام مصطفيٰ ٿيٻو 40 ووٽ ۽ اصغر علي سهتو 31 ووٽ کڻي هارائي ويا. اليڪشن  جا نتيجا اچڻ بعد اليڪشن ڪميشن ڪميٽي جي چيئرمين رجسٽرار غلام محمد ڀٽو ۽ ميمبرن سينڊيڪيٽ چونڊ ۾ صوفي پروگريس الائينس جو سمورو پئنل اڪثريت راءِ سان ڪامياب ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي سينڊيڪيٽ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي آيلن کي سندن حمائتي ميمبرن پاران گلن جا هار پيش ڪندي مبارڪون ڏنيون ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں