عمران خان پنهنجي لاءِ هڪ ايف آءِ آر به نه ڪٽرائي سگهيو، انقلاب ڇا آڻيندو:وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان هڪ ايف آءِ آر نه ڪٽرائي سگهيو، هو انقلاب ڪهڙو آڻيندو. وفاقي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته اسان مٿان روزاني ڪوڙيون ايف آءِ آرز ڪٽرائيندڙ پنهنجي لاءِ هڪ ڪوڙي ايف آءِ آر به نه ڪٽرائي سگهيو. هي انقلاب ڇا آڻيندو. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪوڙي ايف آر آر داخل ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو نه آهي. مان پنجاب جو گهرو وزير رهيو آهيان، روز ڪيتريون ئي ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ٿينديون آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي وڊيو ٺاهي پنهنجي قيادت ڏانهن اماڻيندي آهي. ڪجهه ماڻهو گاڏي ۾ ايندا آهن ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي وڊيو ٺاهيندا آهن. هن چيو ته اچ وڃ جا رستا کليل رکڻ صوبائي حڪومتن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي. جنهن کي کين پورو ڪرڻ گهرجي. ڪجهه فسادي ماڻهن سبب ڪروڙين ماڻهو پريشاني جو شڪار آهن. روڊ بلاڪ هجڻ سبب اسڪول بند ڪيا ويا، آفيسون نه کلي سگهيون. راڻا ثناءُالله چيو ته تحريڪ انصاف وارا احتجاج ڪري عام شهرين کي تڪليف پهچائي رهيا آهن. عدالت سڳوري کان اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي. عام ماڻهو کي تڪليف پهچائڻ جي ڪوشش ملڪ دشمن ايجنڊا آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتن مٿان تنقيد ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهن جي حفاظت نه ڪريو، هنن کي هتان کان ڀڄايو. هن چيو ته مان هن فسادين کي خبردار ڪريان ٿو ته عوامي جذبن کي تڪليف پهچي رهي آهي. ان جو رد عمل ايندو. ائين نه ٿئي ته پوليس هنن جي حفاظت ڪري رهي آهي اڳيان هلي اها به ڪجهه نه ڪري سگهي. احتجاجي مظاهرن سبب ٿيندڙ تڪليف تي هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ اتحادي اڳواڻن طرفان عوام کان معذرت خواهه آهيان. اڄ هي صورتحال پيدا ٿي آهي سڀاڻي ساڳئي صورتحال 10-15 جڳهين تي ٿيندي هوش کان ڪم وٺو. وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي سينيئر صحافين سان جيڪا ڳالهه جوڙي اها مذمت جوڳي آهي. وزيرآباد واقعي جو جوابدار نويد آهي. اهوئي جوابدار آهي. سموري جاچ اڳيان وڌي رهي آهي. جوابدار نويد جو ڪنهن به سياسي يا مذهبي گروپ سان ڪوبه تعلق ناهي. هن عمران خان مٿان تنقيد ڪندي چيوته هو اسلام آباد جي حدن کان پري ويهي عوام جي لاءِ پريشانيون پيدا ڪري رهيو آهي. عوام هن فتني جي فساد مارچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير چيو ته ڪجهه هزار ماڻهو فساد پيدا ڪري رهيا آهن، هي آهي هنن جو لانگ مارچ هن صوبائي حڪومتن تي زور ڏيندي چيو ته احتجاج سبب بند روڊ فوري طور تي کولرايا وڃن. راڻا ثناءُالله چيو ته مان چيف جسٽس ۽ پنجاب ڪي پي ڪي جي چيف جسٽس کان به درخواست ڪريان ٿو ته هي وري اوهان وٽ رليف وٺڻ جي لاءِ ايندا. راڻا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن هوش کان ڪم نه ورتو ويو ته ائين نه ٿئي ته عوام هنن کان حساب وٺڻ شروع ڪري ڇڏي، اڄ به هڪ ٻن جڳهين تي ائين ٿيو آهي. هڪ صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي راڻا ثناءُالله چيو ته گورنر راڄ جو فيصلو ته وزيراعظم جي نگراني هيٺ وفاقي ڪابينه کي ئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي فيصلي موجب چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي جاچ ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ خط اماڻيو ويو آهي. عمران خان جي تقرير جي ايف آءِ اي جاچ ڪري رهيو آهي. تقرير ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه سامهون آئي ته ضابطه فوجداري پيڪا آرڊيننس تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں