لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجو فوج سان ڪو مسئلو ناهي، رڳو احتساب جي معاملي تي مسئلو ٿيو. لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون کي خبر هئي اهي مارائيندا، تنهن ڪري اڳ ئي وڊيو رڪارڊ ڪرائي ڇڏي، جڏهن مضبوط ٿيڻ لڳس ته ٻيو منصوبو ٺاهيو ويو، ٻيو منصوبو سلمان تاثير جيان مون کي قتل ڪرائڻ هو، ان حوالي سان جلسي ۾ به ٻڌايو ته انهن جو پلان ڪهڙو آهي. هن چيو مون کي خبر هئي ته گوجرانوالا يا گجرات ۾ حملو ٿيندو، مون کي قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ٿيندي، جن ماڻهن جا نالا ڏنا، اهي جيڪڏهن جوابدار ناهن ته جاچ مان نڪري ويندا، جوابدار نويد جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۽ ڪوڙ جا پير ناهن هوندا. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ملڪ جو نظام هلائڻو آهي ته اقتدار سان گڏ اختيار به ملڻ گهرجي، منهنجو فوج سان ڪو مسئلو ناهي، رڳو احتساب جي معاملي تي مسئلو ٿيو. صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ٿيندي؟ جنهن تي هن چيو ته اهو ملين ڊالر سوال آهي.
