قمبر ۾ شهري اتحاد جو وڌندڙ بدامني خلاف مظاهرو

قمبر(ڊ ر)قمبر ۾ شهري اتحاد طرفان بدامني خلاف شاهي بازار کان واپارين شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ بينر کڻي پريس ڪلب آڏو آڏو ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اسلم تنيو،علي جان مگسي،آصف شيخ،خالد معرفاڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس شهرين کي ڏوهارين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي شهر جو امن تباهه ٿي ويو آهي شهري ڏينهن ڏٺي جو محفوظ ناهن ڪيترن ڏينهن کان مسلسل امن امان جي بحالي لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون پر پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي شهرين کي سرعام ڏوهاري ڦر لٽ ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا پوليس جو فرض آهي ته شهرين جي جان مال جي حفاظت ڪري پر هتي ڪوبه شهري واپاري محفوظ ناهي هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،،،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں