لاڙڪاڻي ۾ صحت کاتي جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ صحت کاتي جي ملازم ليڊي هيلٿ ورڪر طرفان ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري رسڪ الائونس نه ملڻ ۽ مرڪزي اڳواڻ ميڊم بشريٰ آرائين جي معطلي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ليڊي هيلٿ سپروائيزرن ريشمان لانگاهه، تسليم مغل، سلميٰ تونيو، غلام زهره ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو مسلسل صحت کاتي جي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري مظلومن جي حقن تي ڌاڙو هڻي جائز مراعتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ڪابينا شهيدن جي منشور تي عمل ڪرڻ بجاءِ بادشاهت جي طرز تي شاهي حڪم جاري ڪري رسڪ الائونس واپس وٺي ڇڏيو جنهن سان صحت کاتي جي ملازمن ۾ سخت مايوسي پکيڙيل آهي. جڏهن ته احتجاج ڪرڻ تي مرڪزي اڳواڻ ميڊم بشريٰ آرائين کي معطل ڪريو ڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي. هنن چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته جلد کان جلد رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري جائز مطالبا تسليم ڪري ميڊم بشريٰ آرائين کي بحالي ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں