ملير ۾ چونڊيل نمائندن جي صلاح مشوري سان ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيون:نور حسن جوکيو

ملير(ڊ.ر) ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو چيو ته ڪجھ به ناممڪن ناهي جيڪڏهن توهان پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيو ته هر شيءِ ممڪن آهي، اسان جي ڪاميابي ۾ جن مسئلن جو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو اسان جو علائقي جي عوام سان مسلسل رابطو آهي، ڇاڪاڻ ته لاڳاپيل علائقي جي رهواسين کي سندن مسئلن جي حقيقي ڄاڻ هوندي آهي، هو روزمرهه علائقائي دورا ڪندا آهن ته جيئن اتي ڪم شروع ڪيو وڃي ته انهن کي ميرٽ جي معيار مطابق ڪيو وڃي، ميمڻ ڳوٺ هڪ واپاري علائقو آهي، ملير جي علائقي ميمڻ تجارتي حوالي سان اهميت جوڳو آهي جتي پان جي تمام وڏي منڊي سميت ننڍا وڏا صنعتي علائقا ۽ رهائشي وسندي آهي جنهن کي اسين ڳوٺ سمجهون ٿا پر هي هڪ وڏو شهر قائم ٿي چڪو آهي ۽ گنجان آبادي جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي هتي جي بنيادي مسئلن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ اسين هتان جي معززين ۽ چونڊيل نمائندن جي صلاح مشوري بعد ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيون اهڙو عمل بغير ڪنهن رنگ و نسل جي جاري آهي، مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ جن به منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي تنهن جي رفتار ۽ معيار تي اسان جي انجيئنرنگ برانچ خصوصي توجه ڏئي رهي آهي، ان موقعي تي چيف آفيسر اياز حميد بلوچ،ايڪسين اشفاق احمد، ڊائريڪٽر سينيٽيشن مشتاق مٽو۽ سماجي اڳواڻ ابوبڪر ميمڻ پڻ موجود هئا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں