ميرپورخاص ۾ سروري جماعت جو احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)مخدوم فضل حسين ، مخدوم محسن ، پاران سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم محبوب الزمان خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ واري عمل خلاف سروري تنظيم ميرپورخاص پاران ضلعي صدر عبدالرزاق خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري سروري غلام نبي سومرو، حاجي الله بخش خاصخيلي، منور سومرو جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته مخدوم صاحب علم ۽ ادب جو دروازو آهن انھن خلاف اھڙا نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ھنن چيو ته ڄاڻايل ماڻھن پاران اھڙا لفظ استعمال ڪرڻ سان سڄي سنڌ ۾ سروري تنظيم جي ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال ڇانيل آهي. ھنن چيو ته اسان واسطيدار اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ٿا مخدومن خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں