ميرپور ماٿيلو(ن س)ڪشمور ضلعي جي ھندو برادري سان تعلق رکندڙ ناري انوشا ڌيءَ سروانند گذريل ڏينھن سنڌ جي قديم ديني درسگاهه ڀرچونڊي شريف جي پير ميان جاويد احمد قادري وٽ پھچي اسلام قبول ڪري ورتو آهي جنھن جو اسلامي نالو زينب بي بي رکيو ويو آهي ان سلسلي ۾ نيو مسلم ناري زينب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ھن جي مٿان ڪنھن به قسم جو دٻاءُ ناھي ھو پنھنجي رضا خوشي سان اسلام کان متاثر ٿيڻ بعد پير آف ڀرچونڊي شريف وٽ پھچي اسلام قبول ڪيو آهي.
