نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي جو اڳواڻ کي ڌمڪين خلاف مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي نوابشاه پاران مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو ۽ ٻين اڳواڻن سان ٽنڊوالهيار جي ڊي ايس پي اسلم لانگاهه پاران ڪورٽ ٻاهران رستا روڪ ڪرڻ ۽ بدتميزي ڪرڻ واري عمل خلاف سبحان مگسي، ٻڍل مگسي، سيد رستم شاهه، آصف ڏاھري، ارشد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٽنڊوالهيار جي ڊي ايس پي اسلم لانگاهه پاران ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو ۽ ٻين اڳواڻن جي ڪورٽ ٻاهران رستاروڪ ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اھڙي نا اھل ۽ ڪرپٽ ڊي ايس پي کي معطل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں