نوشهرو ۾ ڳوٺاڻن جو اڳوڻي يوسي سيڪريٽري خلاف مظاهرو

نوشهروفيروز(ڊ ر)يونين ڪائونسل ٻيلاواه،ڀانڀري،چيهوتي غيرقانوني مقرر ٿيل سيڪريٽري زاهدراڄپر لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر سيد جاويد علي شاهه پاران 26 آڪٽومبر تي هٽائڻ جي باوجود يونين ڪائونسلن جو ڪاروهنوار غير قانوني هلائڻ لڳو مختلف ڳوٺن جي رهواسين عبدالسلام،حيدرعلي،امجدعلي،ڪريم بخش،آصف علي،رحيم بخش ،ممتازعلي،ڌڻي بخش،محمدسليمان،وزيرعلي ۽ ٻين ڳوٺاڻن پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ اڳوڻي ٽن يونين ڪائونسلن جي چارج رکندڙ سيڪريٽري زاهد راڄپر جي خلاف نعري بازي ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي. ته اسان جي يونينن ڪائونسلن ڀانڀري،ٻيلاواهه،چيهو کي هر ماهوار ملندڙ5 لک واري بجيٽ جيڪا صرف اسان جي ٽن يونين ڪائونسلن جي 15 لک ماهوار آهي.جيڪا بجيٽ ڪجهه سالن جي 4 ڪروڙ رپين کان مٿي آهي جيڪا اڳوڻي سيڪريٽري زاهدحسين راڄپر ڪوڙا ووچر ٺاهي هضم ڪري ڇڏي آهي. ۽ اسان جي ڳوٺن اندر مڪمل ڊرينج سسٽم ناڪارا ۽ نه هجڻ ڪري سوين ڳوٺن جا رهواسي سخت پريشان آهيون ۽ جڏهن اسان جي يونين ڪائونسلن ۾ زاهدحسين راڄپر سيڪريٽري هوندو هو ته اسان کي چوندو هو ته ماهوار ملندڙ بجيٽ پگهارن ۾ پوري ٿي وڃي ٿي پر هاڻي جڏهن اسان جاچ ڪرائي آهي ته هو ڪوڙ هندو هو اسان جي ٽن يونين ڪائونسلن مان 3 لک رپيا مس ملازمن جي پگهار۾ ويندا هئا باقي ماهوار 13 لک ڪوڙا ووچ ٺاهي هرمهيني هضم ڪيا ويا آهن ۽ اسان جي درخواستن کان پوءِ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر سيد جاويد علي شاهه پنهنجي 26 آڪٽومبر تي ڪڍيل ليٽر ۾ سيڪريٽري زاهدحسين راڄپرمٿان ڪرپشن ڪرڻ جو الزام هڻندي کيس اسان جي يونين ڪائونسلن ٻيلاواهه،ڀانڀري،چيهو ۾ غيرقانوني سيڪريٽري مقرر هجڻ جو الزام هنيو آهي. ۽ کيس بدلي ڪري ڇڏيو آهي ۽ زاهدحسين راڄپر جي اصل پوسٽنگ خيرپورضلعي جي ناروتعلقي جي يونين ڪائونسل کينواري ۾ آهي.پر هن ڪجهه ڪرپٽ لوڪل گورنميٽ جي آفيسرن سان ملي غيرقانوني اسان جي يونين ڪائونسلن جون چارجون پاڻ وٽ رکي ڪروڙين رپين جا ڪوڙا ووچرٺاهي ڪرپشن ڪئي آهي. ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته بدلي هجڻ باوجود اسان جي يونين ڪائونسلن جو ڪاروهنورا هلائي پيو جنهن کي گرفتار ڪري هضم ڪيل رقم واپس ڪرائي اسان جي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ڪراياوڃن ٻئي صورت ۾ اسان جواحتجاج جاري رهندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں