ٽنڊو آدم ۾ روينيو ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ قلم ڇڏ هڙتال

ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي سڏ تي روينيو ملازمن مطالبن جي مڃتا لاء قلم ڇڏ ھڙتال ڪري آفيسن جي تالابندي ڪئي ۽ احتجاج ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن خدابخش جوڻيجو . اسسٽنٽ مختيارڪار اياز علي ڪيريو . نظير احمد ٻگھيو . وسيم احمد چنا . تپيدار علي رحيم کوسو . سپروائيزر تپيدار امداد سريوال . سھيل احمد ڪوريجو . تپيدار آچر ساند . تپيدار اياز علي لاکو . تپيدار معشوق مري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته افسوس آھي روينيو ملازم 24 ڪلاڪ ڊيوٽي سرانجام ڏئي ٿو ليڪن ان کي ڪنھن به قسم جي سھولت نه ٿي ڏني وڃي ۽ نه ئي وري ڪو الائونس وغيره ڏنو ٿو وڃي ملڪ ۾ مھانگائي عروج تي آھي ۽ امن امان جو مسئلو آھي ھن وقت روينيو ملازم ڏينھن رات ٻوڏ ۽ سروي جو ڪم ڪري رھيا آھن ان سلسلي ۾ ڪنھن به قسم جو معاوضو نه ٿو ڏنو وڃي ھنن مطالبو ڪيو روينيو ملازمن کي ٽائم اسڪيل . ھيلٿ ڪارڊ . يوٽلٽي الاونس چارٽر آف ڊيمانڊ منظور ڪري ملازمن ۾ پيدا ٿيل بي چيني کي ختم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو مسئلن جي حل تائين جاري رھندو . 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں